وفاق خيبرپختونخواهه حڪومت کي ناڪام ڪرڻ چاهي ٿو: عمران خان

پشاور (بيورو) پشاور ۾ هيلٿ ريفارمز جي حوالي سان اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونواه ۾ هن وقت 30لک آئي ڊي پيز موجود آهن جن جي امداد وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي پر وفاقي حڪومت پاران انهيءَ حوالي سان ڪابه مدد نه پئي ڪئي وڃي. ايئن لڳي ٿو تهمرڪزي حڪومت خيبرپختونخواهه حڪومت کي ناڪام ڪرڻ چاهي ٿي. صوبي کي بجلي، گيس ۽ پاڻي جي مد ۾ رائلٽي نه پئي ڏني وڃي. بجليءَ جو منافعو به اڃا تائين ناهي مليو. خيبرپختونخواهه حڪومت پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪوٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت ڊاڪٽرن جا خدشا ختم ڪندي. داڪٽرن سان ويهي نظام مٽائينداسين. پشاور جي اسپتال ۾ پنج لک مريض روزانو ايندا آهن جن کي سهوليتون ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. پي ٽي آئي چيئرمين جو چوڻ هو ته اي اين پي کي هاڻي ڳالهائڻ نه گهرجي، سڀني کي خبر آهي ته سندن دور ۾ ڪيتري ڪرپشن ٿي. خيبرپختونواهه حڪومت آزاد احتساب ڪميشن جوڙي جيڪا بنا فرق جي هر هڪ خلاف ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته اسان جو مقصد پهريان اسٽرڪچر جوڙڻ آهي اسٽرڪچر جوڙڻ کانپوءِ سسٽم بڻجندو. پل ۽ روڊ بڻائڻ سان نظام نٿو بڻجي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *