وفاق جي چوڻ تي سنڌ سي اين جي مان سڄي ملڪ کي حصو ڏنو، هاڻي ايل اين جي مسئلو پيدا ڪيو ويو آهي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار جي چوڻ تي  سنڌ سي اين جي مان  سڄي ملڪ کي حصو ڏنو، هاڻي، ايل اين جي جو مسئلو پيدا ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ ماءِ ڪراچي نمائش جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت دوران وڏو وزير ٿاٻڙجي پيو، ايس ايم منير، سراج قاسم تيلي ۽ ٻين کيس سنڀالي ورتو. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد  قائم علي شاهه چيو ته  ايل اين جي انهن صوبن کي ڏني وڃي جتي گئس جي کوٽ آهي. هن چيو ته هڪ منصوبو جيڪو 20 – 25 سالن کان رولڙي جو شڪار هيو ان کي مڪمل ڪيو آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪي 4 واٽر   پراجڪيٽ لاءِ وفاق ۽ صوبي 50 -50سيڪڙو فنڊ فراهم ڪندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ نه رڳو ملڪ جي مختلف حصن پر ٻين ملڪن مان به مختلف رنگ ۽ نسل جا ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن . سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي ايڪسپو سنيٽر ۾  ماءِ ڪراچي نمائش ۾ انڊو نيشيا ترڪي ۽ جاپان سميت 3 سئو کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنيون شامل آهن. سيد قائم علي شاهه   جو چوڻ هو ته مائي ڪراچي جهڙي نمائش ملڪ جي بهتر تصوير عالمي سطح تي پيش ڪري ٿي واپارين شهر جي بهتري لاءِ حڪومت جو هميشه ساٿ ڏنو آهي شهر کي صرف امن امان ئي نه پر ٻيا مسئلا به سامهون آهن هن جو چوڻ هو ته شهر ۾ پاڻي جي مسئلي تي وفاق کان مدد وٺنداسين، سنڌ کي ايل اين جي جي ضرورت ناهي صوبي ۾ ضرورت کان وڌيڪ گيس پيدا ٿئي ٿي گيس جي مسئلي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل  ۾ کڻي وينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *