وفاق جي رنڊڪ جي باوجود سنڌ ۾ ترقي جو عمل جاري آهي، بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي وسيلن جي فراهمي ۾ رنڊڪ جي باوجود صوبي ۾ ترقي جو عمل جاري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن خميس تي هن سان بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي بلاول ڀٽو زرداري ۽ سيد ناصر حسين شاهه وچ ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي سيد ناصر شاهه پارٽي چيئرمين کي بلديات، اطلاعات هائوسنگ اينڊ ٽائون پلاننگ، ٻيلن ۽ مذهبي معاملن جي کاتن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ پ پ  جي ڪارڪردگي جي ڪري ئي عوام جيالن کي پنهنجو مينديٽ ڏنو آهي وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جيوسيلن جي فراهمي ۾ رنڊڪ جي باوجود صوبي ۾ ترقي جو عمل جاري آهي. ٻئي طرف  پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ پ گهوٽڪي ضلعي جي اڳواڻ ڄام مهتاب حسين خان ڏهر خميس تي بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڄام مهتاب حسين خان ڏهر وچ ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون بلاول ڀٽو زرداري کي ڄام مهتاب حسين خان ڏهر گهوٽڪي ضلعي جي سياسي صورتحال کان آگاهه ڪيو بلاول ڀٽو زرداري  چيو ته پاڪستان پيپلزپارتي جو منشور صرف ۽ صرف عوام جي خدمت آهي اوٻاوڙو کان ڪيماڙي تائين پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي تعمير ۽ ترقي ۾ مثالي ڪردار اد اڪيو آهي. هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيرئمين بلاول ڀتو زرداري سان سنڌ اسيمبلي ميمبر شرجيل انعام ميمڻ خميس تي بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي ان موقعي تي سنڌ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي شرجيل انعام ميمڻ پارٽي چيئرمين کي پنهنجي چونڊ تڪ ٽنڊوڄام ۾ عوامي فلاح ۽ بهبود جي قدمن کان آگاهه ڪيو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي عوام جي خدمت ئي اسان جي سياست آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *