وفاق جي دعويٰ ڏيکاءُ آهي، امن امان سنڌ سرڪار جي ڪوششن سبب بحال ٿيو: وڏو وزير

دادو/ڪي اين شاهه/ميهڙ (نمائندن وٽان)وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه پاران خيرپورناٿن شاهه جي ترقياتي رٿائن لاءِ خاص پئڪيج ميهڙ وايا راڍڻ روڊ، ايف پي بچاءُ بند تي 2 پلون تعمير ڪرڻ ۽ ميونسپل ڪاميٽي خيرپورناٿن شاهه جي برطرف ڪيل 144 ملازمن کي انڪوائري بعد بحال ڪرڻ جو اعلان رپورٽ موجب،   دادو سنڌ جي وڏي وزير سيدقائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪو هن وقت امن امان قائم ٿيو آهي ان ۾ خاص طور تي سنڌ حڪومت جون ڪوششون آهن ۽ وفاق جي اها دعويٰ ته سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو آهي جيڪا ڏيکاءُ جي ڳالهه آهي ۽ ان ۾ سمورا استعمال  ٿيندڙ وسيلا اهي سنڌ حڪومت جا آهن ۽ ان ۾ رينجرز جو به ڪردار آهي وفاقي وزير گهرو جيڪو سنڌ ۾ امن امان لاڳو ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي فقط هڪ ڀيرو سنڌ ۾ آيو هو ۽ چيو ته ان مسئلي کي پاڻ ئي سنڀاليو انڪري اهي مسئلا اسان پاڻ ئي سنڀاليا آهن ۽ الحمدا لله اسان ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي _ اها ڳالهه هن اڄ ڳو ٺ خانپور جوڻيجو تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ضلع دادو  ۾ هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو _ هن چيو ته  هن چيو ته  دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن امان قائم ڪرڻ کانپوءِ اسانجي اولين ترجيح ماڻهن کي وڏي انگ ۾ روزگار فراهم ڪرڻ  آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ جي انهن علائقن جتي اڃان تائين ترقي وارو ڪم شروع نه ٿيو هو اتي وڏي انگ ۾ ترقياتي ڪم ڪيا پيا وڃن _ هن چيو ته ضلع دادو جي پ پ پ لاءِ وڏيون قربانيون آهن ان لاءِ ضلع دادو کي ڪنهن به طرح نظر انداز نه ڪيو ويندو ۽ وڏي انگ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا وڏي وزير چيو ته ڪراچي جا رهواسي مڃن ٿا ته هاڻي ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿي ويو آهي ۽ اتان جا رهواسي هاڻي ڪراچي شهر ۾ آزاداڻي  طرح سان گهمي ڦري سگهن ٿا ۽ اهي خريداري به ڪن ٿا_ هن چيو ته 30 سالن کانپوءِ ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿيو آهي جنهن جو اعزاز سنڌ حڪومت کي وڃي ٿو جڏهن ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿئي_هن باچا خان يونيورسٽي ۾ ٿيل دهشتگردي جي حملي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته الحمدا لله هاڻي سنڌ ۾ جيڪب آباد کان ڪراچي تائين  امن امان قائم ڪيو ويو آهي ۽ سماج دشمن عنصرن کي اهڙو سبق سيکاريو ويو آهي جو صوبي ۾ امن امان جي صورتحال  بهتر آهي_ هن چيو ته اهو فقط ماڻهن جي طاقت سان ممڪن بڻيو آهي ڇاڪاڻ ته  موجوده بلدياتي چونڊن ۾ ماڻهن پ پ پ جي پاليسي تي رضامندي ظاهر ڪندي ان کي وڏي اڪثريت سان چونڊيو آهي _هن چيو ته پارٽي کي بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي شهيد بينظير ڀٽو جي پاليسين جي تسلسل کي جاري رکڻ جي ڪري ملي آهي _هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ جمهوريت جا وڏا علمبردار آهن جن  جو اهو پهه ڪيو آهي ته اهي هميشه عوام جي خدمت  ڪندا رهندا ۽  هو عوام جي سهڪار ۽ جذبي سان دهشتگردي جو خاتمو ڪندا _ هن چيو ته سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽  1994ع ۾  شهيد محترمه بينظير ڀٽو  دعويٰ ڪئي هئي ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪئي ويندي پر مخالفن شهيد محترمه جو منصوبو  اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ۽ هاڻي اها حالت  آهي جو ملڪ ۾ بجلي  16 رپين کان 18 رپين تائين في يونٽ مهانگي ٿي چڪي آهي_ هن ٻڌايو ته ٿر جي ڪوئلي مان  بجلي پيدا ڪرڻ وارو ڪم هلندڙ آهي ۽ جيئن ئي اهومنصوبو مڪمل ٿيندو ته بجلي جا اگهه 8 کان 9 رپين تائين  في يونٽ  ٿي ويندي ۽ پورو ملڪ روشن ٿيندو _ هن چيو ته پ پ پ جي سنڌ حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن تي عمل ڪندي بيروزگار نوجوانن کي بنا  فرق روزگار مهيا ڪري رهي آهي ۽ مخالف جڏهن به اقتدار ۾ ايندا آهن ته اهي ماڻهن کي روزگار کان محروم ڪرڻ واري پاليسي تي هلندا آهن جڏهن ته اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري پنهنجي دور ۾ نوڪرين مان برطرف ڪيل ماڻهن کي نه فقط کين سندن نوڪرين تي بحال ڪيو بلڪه غريب ۽ بي پهچ عورتن لاءِ  انڪم سپورٽ پروگرام پڻ شروع ڪيو جنهن تحت پوري ملڪ جي غريب عورتن کي ماهوار وظيفو ڏنو ويو_هن چيو ته اسين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جا ڪارڪن آهيون ۽ مستحق ماڻهن کي ڪڏهن به مايوس نه ڪنداسين _هن انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو پاران پيش ڪيل ترقياتي ڪمن کي منظور ڪندي اعلان ڪيو ته هاڻي ضلعي دادو ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو، ان موقعي تي خيرپوناٿن شاهه شهر کي ماڊل شهر بنائڻ خيرپوناٽن شاهه تعلقي جي ترقياتي رٿائن لاءِ خاص پئڪيج ڏيڻ ڪاڇي ۾ ايف پي بچاءُ بند تي 2 پلون تعمير ڪرائڻ ۽ انڪوائري بعد خيرپورناٿن شاهه ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل 144 ملازمن کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته وزيراعلى سيد قائم علي شاهه ميهڙ وايا راڍڻ روڊ تعمير ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو، ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار فياضِ علي ٻٽ، انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو، ايم اين اي عمران ظفر لغاري ايم اين اي مسرت رفيق مهيسر، ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو ، غلام دستگير ڳورڙ، اعجاز چانڊيو، شبير ابڙو، رياض چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو.  ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا لغاري کان علاوه سنڌ ڪائونسل جي ميمبر، نئين چونڊيل بلدياتي نمائندن ، سپاف جا اڳواڻ ،پ پ پ ضلع دادو جي عهديدارن ، پ پ پ جي جيالي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  جي ڳوٺ خانپور پهچڻ تي انجنيئر  عبدالعزيز جوڻيجو سان سندس امڙ ۽ ڀيڻ جي لاڏاڻي تي عذرخواهي ڪئي ۽ مرحومين جي مغفرت لاءِ دعا گهري .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *