اسلام آباد (م.ڊ) وفاقي سرڪار جي ڪميٽي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪرتي آرمي ترميمي ايڪٽ بابت اعتماد ۾ ورتو آهي. وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهيءَ ۾ حڪومتي ڪميٽي نواز ليگ کانپوءِ پيپلز پارٽي کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ زرداري هائوس پهچي وئي، جتي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ٿي، اُن موقعي تي حڪومتي ڪميٽي ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ۽ وفاقي وزير علي محمد خان به موجود هئا. حڪومتي ڪميٽي جي ملاقات دوران پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف، نيئر بخاري، شيري رحمان، شازيا مري ۽ نويد قمر به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ لاءِ آرمي ترميمي ايڪٽ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب حڪومتي ڪميٽي آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جي حوالي سان پ پ قيادت کي اعتماد ۾ ورتو، جڏهن ته پ پ چيئرمين زور ڀريو ته وفاقي حڪومت آرمي ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ پارليامينٽ جي ضابطن تي عمل ڪري. واضح رهي ته اُن کان اڳ حڪومتي ڪميٽي نواز ليگ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. نواز ليگ غير مشروط طور آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته حڪومتي ڪميٽي آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان ملاقات لاءِ زرداري هائوس پهتي هئي، پيپلز پارٽي جمهوري قانونسازي کي هاڪاري طريقي سان ڪرائڻ گهري ٿي، پر ڪجهه سياسي جماعتون قانونسازي جي ضابطن ۽ قاعدن کي پاسيرو رکڻ چاهين ٿيون.
بلاول ڀٽو چيو ته جيتري اهم آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان قانونسازي آهي، پيپلز پارٽي لاءِ اوتري اهم جمهوري عمل به آهي، تنهن ڪري هن معاملي تي ٻين سياسي جماعتن کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو.