
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورن جي رمضان ريليف پيڪيج جي لاءِ هڪ ارب 73 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اٽي، کنڊ، کير، دال ۽ چانورن سميت 19 شين تي سبسڊي ڏني ويندي. اسلام آباد ۾ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس يوٽيلٽي اسٽورن جي رمضان ريليف پيڪيج جي لاءِ 1 ارب 73 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ جاري ڪيل پڌرائي موجب رمضان المبارڪ ۾ اسٽورن تي 19 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. اٽي، کنڊ، چانور، کجور، تيل ۽ گيهه، چڻن، بيسڻ، کير ۽ چانهه جي پتي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. ڪميٽي مٽياري لاهور ٽرانسميشن لائن جي لاءِ مالي وسيلا حاصل ڪرڻ واري مدي ۾ واڌ ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ پاور سيڪٽر جي قرض جي ادائيگي جي لاءِ پاور ڊويزن کي پاور هولڊنگ ڪميٽي جي ذريعي 100 ارب قرض کي حاصل ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ تماڪ تي سيس ريٽرس تي نظرثاني جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن موجب پاسڪو کي 5 لک ٽن ڪڻڪ 155 ڊالر في ٽن ريبيٽ تي برآمد ڪرڻ جي اجازت آهي.