وفاقي ڪابينا جو بجلي ۽ گيس جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا بجلي ۽ گيس جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ 16 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته ڪمشنر ايس اي سي پي جي مقرري جو ايجنڊا ۽ احساس پروگرام ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن کي شامل ڪرڻ بابت بريفنگ به رد ڪئي وئي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا اصولي فيصلو ڪيو آهي ته بجلي ۽ گيس جي قيمتون نه وڌايون وڃن، ڪابينا ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي قيام، بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو مستقل سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ، پاڪستان نرسنگ ڪائونسل جي ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منطوري ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان رليف پيڪيج کانپوءِ شين جي قيمتن جي لڳاتار مانيٽرنگ ۽ دالين جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ امپورٽ ڊيوٽي گهٽ ڪرڻ بابت ترتيب جي هدايت ڪئي جڏهن ته وزيراعطم ايف آءِ اي کان کنڊ جي اگهن ۾ اضافي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ چيو آهي ته ايف آءِ اي ٻن هفتن ۾ کنڊ جي قيمتن بابت ڄاڻايل رپورٽ پيش ڪري. وزيراعظم عمران خان ٻارن جي زندگي بچائيندڙ خوراڪ جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻارن جي ’’لائيف سيونگ‘‘ خوراڪ جي امپورٽ تي لاڳو پابندي ختم ڪئي وڃي ۽ قيمتن ۾ واضح گهٽتائي لاءِ قدم کنيا وڃن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *