وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ گهرايو ويو آهي، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال جِي بجيٽ جِي منظوري ڏني ويندي. وزيراعظم ميان نواز شريف، وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي، جنهن کان اڳ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ڪابينا کي بريفنگ پڻ ڏيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو ڪاٿو 43 کرب رپيا لڳايو ويندو، جنهن مان 7 سئو 70 ارب بچاءَ لاءِ رکيا ويندا. ذريعن موجب، ملڪ اندر دهشتگردنخلاف هلندڙ آپريشن ضرب عضب لاءِ الڳ 45 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا. وفاقي حڪومت جي خرچن جي مد ۾ 3 سئو 10 ارب رپيا رکيا ويندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ گئس جي قيمتن ۾ پهرين جون کان واڌ ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت پڻ فيصلو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *