وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب، احتساب جي وچ ۾ ڪنهن کي به نه اچڻ ڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته احتساب جي وچ ۾ ڪنهن کي به نه اچڻ ڏينداسين ۽ احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. ميڊيا جي رپورٽن موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ  پارليماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عمران خان ميمبرن کي سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي دوري بابت آگاهه ڪيو ۽ ان کي ڪامياب دورو قرار ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته احتساب جي وچ ۾ ڪنهن کي به نه اچڻ ڏينداسين ۽ احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، مخالف ڌر کي گرفتارين تي جمهوريت ياد اچي ويندي آهي، جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪاڪردگي کي اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب آڻيندي، پاڪستان معاشي بحران مان ڪامياب سان نڪري رهيو آهي، ان کي جلد ترقي جي رستي گامزن ڪنداسين. ٻئي پاسي سرڪاري ٽي وي موجب وزير اعظ۾ جي صدارت هيٺ مني لانڊرنگ جي خاتمي بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ قانون واري وزير بيرسٽر فروغ نسيم وزير اعظ۾ جي خاص مددگار شهزاد اڪبر ۽ گهرو سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ بندوبستن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ گهرو سيڪريٽري وزير اعظم کي بريفنگ ڏني. وزير اعظم چيو ته مني لانڊرنگ ۾ ملوث ماڻهو قوم جا ڏوهاري آهن، مني لانڊرنگ ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته مني لانڊرنگ ڪندڙن ملڪ کي قرضن جي دلدل ۾ ڌڪيو، نيب خودمختيار ادارو آهي، احتساب جو عمل غير جانبداري سان اڳتي وڌي رهيو آهي.

ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو، جنهن ۾ 13 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي ساڍي 3 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ سرڪاري آفيسرن جي ملازمن جي مدي جي تحفظ جو معاملو، سگريٽ ۽ نقصان ڏيندڙ مٺن شربتن تي هيلٿ ليوي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري جي ايجنڊا شامل هوندي. وفاقي ڪابينا نادرا جي اڪائونٽن جي آڊٽ جي منظوري ڏيندي ۽ پاسپورٽ ۾ پيشو تبديل ڪرڻ جو معاملو به غور هيٺ ايندو، ان سان گڏوگڏ برطانوي شهري عبدالقادر احسن جي حوالگي جو معاملو، اي او بي آءِ ۽ آءِ ٽي اين اي چيئرمين جي مقرري سميت پاڪستان ۽ چين جي ادارن ۾ مختلف ايم او يوز تي صحيحن جي منظوري ڪابينا ايجنڊا جو حصو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *