وفاقي ڪابينا اي ڊي خواجا کي تبديل ڪري سردار عبدالجميد دستي کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا موجوده آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي تبديل ڪري سندس جاءِ تي سردار عبدالجميد دستي کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي جنهن ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي تبديل ڪري سندس جاءِ تي پوليس سروس جي 22هين گريڊ جي آفيسر سردار عبدالمجيد دستي کي نئون آءِ جي  مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  وفاقي ڪابينا گذريل اجلاس ۾ سنڌ حڪوت کان گريڊ 22 جي آفيسرن جو پينل طلب ڪيو هو ۽ تجويزون گهريون هيون جنهن تي سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ لاءِ ٽي نالا موڪليا هئا. سنڌ حڪومت جي فهرست ۾ سردار عبدالمجيد دستي جو نالو به ڏنو ويو آهي جنهن کي وفاقي ڪابينا منظور ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *