وفاقي وزير زاهد حامد وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس ۾ خاص عدالت پاران جوابدار طور شامل ڪرڻ بعد سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير زاهد حامد وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. عدالتي فيصلي بعد زاهد حامد پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم نواز شريف ڏانهن اماڻي ڇڏي جيڪا هن منظور ڪري ڇڏي. زاهد حامد جو چوڻهو ته عدالت کيس غداري ڪيس ۾ جوابدار قرار ڏنو آهي تنهن ڪري هــُو ڪم جاري نه ٿو رکي سگهي. زاهد حامد چيو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ کيس عهدي تي رهڻ جو اخلاقي جواز ناهي. واضح رهي ته خاص عدالت،پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، جسٽس رٽائرڊ حميد ڊوگر، زاهد حامد سميت ٻين شريڪ جوابدارن کي شامل ڪرڻ واري درخواست منظور ڪندي وفاقي حڪومت کي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *