وفاقي ناڻي وزير اسحاق ڊار 5 جون تي بجيٽ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ناڻي وزير اسحاق ڊار 5 جون تي بجيٽ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آچر تي ناڻي وزارت جي بيان مطابق بجيٽ کان هڪ ڏينهن اڳ 4 جون تي اقتصادي سروي جاري ڪيو ويندو، بجيٽ جي منظوري آچر تي ناڻي وزير جي سربراهي ۾ هڪ اجلاس ۾ ڏني وئي، اجلاس ۾ مالياتي سال جو پروگرام ۽ بجيٽ جي حوالي سان مختلف معاملن جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ ختم ٿيندڙ مالياتي سال دوران رٿائن تي اڳڀرائي ۽ نئين مالي سال جي منصوبن تي به غور ڪيو ويو، وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته بجيٽ جي حوالي سان جلد فنانس جي پارلياماني اسٽيڊنگ ڪميٽي کي به آگاهه ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ منظوري لاءِ مسودو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو، ان موقعي تي اسحاق ڊار چيو ته بجيٽ جي تياري ۾ عوامي فائدي کي نظر ۾ رکيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *