وفاقي قانون وزارت نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ صوبائي اسيمبلين جو ڪردار ختم ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب نيوز) وفاقي قانون وزارت نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ صوبائي اسيمبلين جو ڪردار ختم ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. تفصيل موجب ايم ڪيو ايم جي ميمبر ڪشور زهره قومي اسيمبلي ۾ آئين جي آرٽيڪل 239 جي شق 4 کي ختم ڪرڻ لاءِ بل جمع ڪرايو هو، جڏهن ته آئين جي شق 4 ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۾ ترميم جو ڪو به اهڙو بل جيڪو ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ ردوبدل يا تبديلي ڪندڙ هجي ته اهو صدر پاڪستان کي پارليامينٽ مان منظور ٿيڻ باوجود منظوري لاءِ ان وقت تائين پيش نٿو ڪري سگهجي جيستائين لاڳاپيل صوبي جي صوبائي اسيمبلي مان ڪل ميمبرن جي ٻه ڀاڱي 3 اڪثريت سان اهڙو ترميمي بل منظور نه ڪيو وڃي، ايم ڪيو ايم جي ان بل تي قومي اسيمبلي جي قانون انصاف واري ڪاميٽي پاران قانون جي وزارت کان راءِ گهري وئي هئي، ڪاميٽي جي ذريعن ميڊياکي ٻڌايو آهي ته قانون وزارت لکت ۾ جواب ڪاميٽي کي اماڻي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ قانون واري وزارت چيو آهي ته ڪشور زهره آئين جي آرٽيڪل 239 جي شق 4 کي ختم ڪرڻ جو هي بل جمع ڪرايو آهي جنهن تحت ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ تبديلي ڪرڻ جو بل صدر کي منظوري لاءِ تيستائين نٿو اماڻي سگهجي جيستائين لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان منظوري نه ڏي، قانون وزارت جواب ۾ وڌيڪ لکيو ته انهي ترميمي بل جي عوامي اهميت ۽ سياسي نتيجا رکندڙ آهي، ان ڪري ان بل جي قانون وزارت هن اسٽيج تي مخالفت نٿي ڪري، پر انهي بل جي منظوري ٻه ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان ئي ٻنهي ايوانن مان ملي سگهي ٿي، قانون وزارت ان بل بابت بين الصوبائي رابطن واري وزارت ذريعي صوبن کان به راءِ طلب ڪئي جنهن تي بلوچستان حڪومت بل کي صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ غور هيٺ آندو، ۽ ان بعد بلوچستان حڪومت متفقه طور تي ان بل جي سخت مخالفت ڪرڻ وارو موقف لکت ۾ وفاقي حڪومت کي اماڻي ڇڏيو ، جڏهن ته باقي ٽن صوبن پاران اڃا تائين انهي حوالي سان جواب نه اماڻيا ويا آهن، ياد رهي ته بل ايم ڪيو ايم جي ميمبر ڪشور زهره پهرين آڪٽوبر 2019ع تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو هو جنهن کي قومي اسيمبلي وڌيڪ غور لاءِ قانون انصاف ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو هو، بل تي غور لاءِ 7 فيبروري تي قومي اسيمبلي جي قانون انصاف ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو، پر اهو اجلاس اوچتو ملتوي ٿي ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *