وفاقي سرڪار ۽ ڪي پي ڪي حڪومت وچ ۾ بجلي پيدوار لاءِ گئس فراهم ڪرڻ بابت معاهدو طئي ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي سرڪار ۽ ڪي پي ڪي حڪومت وچ ۾ بجلي پيدوار لاءِ گئس فراهم ڪرڻ بابت معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن تحت وفاق ڪي پي ڪي سرڪار کي چئن سالن ۾ 70 ارب رپيا ادا ڪندو. اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ملاقات ڪئي، جنهن دوران توانائي بحران سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاق ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت وچ ۾ گئس معاملي تي هلندڙ تڪرار بابت معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن دوران وفاقي خواجه ۽ پرويز خٽڪ موجود هئا. اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار صوبن جا خدشا ختم ڪرائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي، صوبن کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *