وفاقي سرڪار پنجن ريگوليٽري ادارن جو ڪنٽرول وزارت کان وٺي ڪابينا ڊويزن کي ڏيڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار پنجن ريگوليٽري ادارن جو ڪنٽرول وزارت کان وٺي ڪابينا ڊويزن کي ڏيڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. وفاقي سرڪار پنجن ريگوليٽري ادارن بابت ليگي حڪومت جو فيصلو واپس وٺڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. نيپرا، اوگرا، پيپرا، پي ٽي اي ۽ فريڪوئنسي ايلو ڪيشن بورڊ جو انتظامي ڪنٽرول وزارت کان واپس وٺڻ جي تجويز سامهون آئي آهي. نيپرا جو انتظامي ڪنٽرول پاور ڊويزن کان ۽ اوگرا جو انتظامي ڪنٽرول پئٽروليم ڊويزن کان ۽ پيپرا جو انتظامي ڪنٽرول ناڻي واري وزارت کان واپس وٺڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.  پي ٽي اي، فريڪونسي ايلوڪيشن بورڊ جو انتظامي ڪنٽرول آءِ ٽي وزارت کان واپس وٺڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.  ذريعن موجب ادارن کي ٻيهر ڪابينا ڊويزن جي ماتحت ڪرڻ لاءِ رولز آف بزنس ۾ ترميم ڪئي ويندي، جڏهن ته قانون واري وزارت پنجن ادارن کي ڪابينا ڊويزن جي ماتحت ڪرڻ جي تجويز سان اختلاف ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *