وفاقي سرڪار پاران ڪي فور منصوبي لاءِ سنڌ سرڪار کي 10 ارب روپيا ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي سرڪار ڪي فور منصوبي لاءِ سنڌ سرڪار کي 10 ارب روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، وزير اعظم جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ گرمي وگهي ماڻهن جو فوت ٿيڻ ملڪي تاريخ جو غير معمولي واقعو آهي، ذميوارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. سي ايم هائوس ۾ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ گرمي سبب ماڻهن جي فوتگين ۽ لوڊشيڊنگ واري معاملي تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، پرويز رشيد، عبداالقادر بلوچ، مشاهد الله ممڪلتيوزير سائره افضل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، گورنر عشرت العباد، شرجيل ميمڻ، مراد علي شاهه، ڄام مهتاب ڏهر، چيئرمين اين ڊي ايم اي ۽ فلاحي ادارن جي سربراهن پڻ شرڪت ڪئي. وزير اعظم نواز شريف ڪراچي ۾ گرمي وگهي ماڻهن جي فوتگين واري معاملي تي ڏک جو اظهار ڪيو، سندس چوڻ هو ته ڏکي وقت ۾ متاثرن سان پوري قوم گڏ  آهي. وزير اعظم نواز شريف چيو ته ڪراچي ۾ گرمي وگهي ماڻهن جون فوتگيون ملڪي تاريخ جو بدترين واقعو آهي. اجلاس ۾ وزير اعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته ڪي اليڪٽرڪ جي غلفت سبب انساني جانيون ضايع ٿيون. وزير اعظم کي ٻڌايو ويو ته  گرمي سبب 1250 انساني جانيون ضايع ٿيون آهي ۽ 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا آهن. وزير اعظم وڏي وزير سان مخاطب ٿيندي سوال ڪيو ته اهڙي بدترين صورتحال ۾ سنڌ سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا، جنهن تي سيد قائم علي شاهه چيو ته حڪومت هر ممڪن قدم کنيو آهي. وڏي وزير وزير اعظم کي ٻڌايو ته سموري صورتحال ۾ سند هڪ فون ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻيو فون اسپتالن ڏانهن هوندو هو. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت متاثرن خاندانن جي مدد ڪري رهي آهي لوڊشيڊنگ سبب وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه نواز شريف سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪراچي سميت هر صورتحال تي وفاق جي دلسچپي تي هو ٿورائتا آهن. وزير اعظم کي ڪي فور منصوبي بابت چيف سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪينجهر ڍنڍ مان 2 سئو 60 ملين گيلن پاڻي ڪراچي واسين کي فراهم ڪيو ويندو، ٽن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندڙ ان منصوبي سان شهر جي پاڻي واري ضرورت پوري ٿي ويندي. وزير اعظم منصوبي تي ڪم جلد اڪلائڻ سان گڏ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزير اعظم ميان نواز شريف ڪي فور منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي 10 ارب روپيا ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. زير اعظم کي گرين لائن منصوبي بابت رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ويو ته ان سان روزاني ٽي لک ماڻهو سفر ڪري سگهندي جنهن لاءِ وفاقي سرڪار 8 ارب روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر منصوبي تي 16 ارب روپين جي لاڳت ايندي تنهنڪري وڌيڪ فنڊ به ڏناوڃن. اڻي واري وزير مراد علي شاهه پاران ييلو ۽ ريڊ لائن بس منصوبن بابت بريفنگ دوران وزير اعظم چيو ته اوهان کي سڀ خبر هوندي آهي اهو ٻڌايو ته ڪينجهر ڍنڍ جي پکيڙ ڪيتري آهي؟ راد علي شاهه پاران  ڍنڍ جي ايراضي ٻڌائڻ بعد وزير اعظم خوشگوار موڊ ۾ چيو ته اوهان کي واقع ڄاڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *