وفاقي سرڪار نيب کي سنڌ حڪومت جي آفيسرز ۽ اڳواڻن خلاف انتقامي ڪارروائين کان روڪي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اڳوڻي صوبائي وزير  شرجيل ميمڻ جو نالو اِي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته نيب جون ڪارروائيون بدنيتي تي ٻڌل آهن، وفاقي سرڪار نيب کي سنڌ حڪومت جي آفيسرز ۽ اڳواڻن خلاف انتقامي ڪارروائين کان روڪي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شرجيل ميمڻ پارٽي جي فعال ميمبر  سان گڏ مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري آهي، ان ذاتي سببن جي ڪري وزارت تان استعيفيٰ ڏني آهي ۽ اهو موڪل تي پرڏيهه ويل آهي. هن چيو ته شرجيل

ميمڻ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ سراسر بدنيتي ۽ انتقامي ڪارروائي آهي. سيد قائم علي شاهه چيو ته نيب هڪ مخصوص ايجنڊا جي تحت پارٽي اڳواڻن خلاف سياسي بنيادن تي ميڊيا ٽرائل ڪري انهن جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وڏي وزير وفاقي حڪومت کان  مطالبو ڪيو آهي ته شرجيل ميمڻ ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس ۽ ريفرنس فوري طور تي واپس ورتا وڃن. وڏي  وزير  وفاقي حڪومت کان اهو به مطالبو  ڪيو آهي ته،نيب کي سنڌ جي اڳواڻن ۽ آفيسرن خلاف انتقامي ڪارروائي کان روڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *