وفاقي سرڪار جو مشرف خلاف فيصلو لکندڙ جج خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار پرويز مشرف خلاف فيصلو لکندڙ جسٽس وقار احمد سيٺ خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس دوران خصوصي عدالت جي تفصيلي فيصلي تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن دوران قانوني ماهر جي راءِ بعد حڪومت جسٽس وقار سيٺ خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اجلاس دوران اتفاق ڪيو ويو ته ڊي چوڪ تي لاش ٽنگڻ واري ڳالهه ڪري انساني حقن جون حدون اورانگهيون ويون آهن. اجلاس بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته سمجهه ۾ نه آيو ته لاش ٽن ڏينهن تائين ٽنگڻ وارو فيصلو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، جج صاحب اهو تمام غلط ۽ غير مثالي فيصلو ڏنو آهي. فروغ نسيم چيو ته ڪنهن به جج کي اهڙي قسم جي آبزرويشن ڏيڻ جو اختيار ناهي. قانون واري وزير اعلان ڪيو ته جسٽس وقار سيٺ خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرايو ويندو. قانون واري وزير چيو ته اهڙي ڪنهن به جج کي پاڪستان جي ڪنهن به عدالت ۾ هجڻ جو اختيار ناهي، جسٽس وقار احمد سيٺ اَن فِٽ آهي. فروغ نسيم چيو ته سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته جسٽس وقار احمد سيٺ کي ڪم کان روڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *