وفاقي سرڪار جو بي آئي ايس پي مان سوين مسحقن کي غلطيءَ سان خارج ڪرڻ اعتراف

اسلام آباد (م.ڊ) وفاقي سرڪار بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان سوين مسحقن کي غلطيءَ سان خارج ڪرڻ اعتراف ڪيو آهي. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي پ پ ايم اين اي نفيسا شاهه چيو ته حڪومت کي شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان ڪهرو مسئلو آهي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو ڇو تبديل ڪيو وڃي ٿو؟ مملڪتي وزير علي محمد خان ايوان کي آگاهي ڏني ته احساس پروگرام آڻڻ سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ختم نٿو ٿئي. حڪومت پروگرام لاءِ فنڊز 100 ارب مان وڌائي 190 ارب رُپيا ڪيا ويا آهن. مملڪتي وزير اعتراف ڪيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل مستحق ماڻهن کي به غلطيءَ سان خارج ڪيو ويو آهي، جنهن جون شڪايتون ملي رهيون آهن. هيل تائين 265 شڪايتون مليون آهن، جِن مان 100 شڪايتن جو جائزو وٺي اُنهن کي بحال ڪيو ويو آهي. هُن وڌيڪ چيو ته جنهن به مستحق جي درخواست ايندي ۽ جائزي دوران ثابت ٿيو ته اُن جو نالو غلطيءَ مان خارج ڪيو ويو آهي، ته اُن کي ٻيهر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *