وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، ماني ۽ نان جي قيمت ۾ واڌ جي روڪٿام لاءِ  قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد (اين اين آءِ) اقتصادي رابطي واري ڪميٽي ڪڻڪ ۽ اٽي جي ايڪسپورٽ تي پابندي مڙهي ڇڏي، ناڻي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطي واري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي خريداري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 33 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ اٽي ۽ ماني جي قيمت وڌڻ جو روجحان آهي، ڪميٽي ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ججهي مقدار ۾ مهيا ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ايڪسپورٽ تي پابندي مڙهڻ جو فيصلو ڪيو، پابندي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ افغانستان ڏانهن به ڪڻڪ نه موڪلي ويندي، واضح رهي ته پنجاب حڪومت به وفاق کي ايڪسپورٽ تي پابندي جي سفارش ڪئي هئي. ڪميٽي پي آءِ اي کي ان فلائيٽ انٽرٽينمينٽ سسٽم ۾ سڌاري لاءِ 70 ڪروڙ رپين جي خرچ جي منظوري ڏئي ڇڏي، قومي ايئر لائين حڪومت پاران منظور ٿيل 24 ارب رپين جي پيڪيج سان هي رقم استعمال ڪندي، ڪميٽي هلندڙ مالي سال لاءِ تمام جي گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت مقرر ڪرڻ سميت اسپورٽس، يوٽلٽي، ويڪلز ٻاهران گهرائڻ تي 11 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي لڳائڻ جي منطوري ڏني، ڪميٽي ڳڻپ واري اداري لاءِ قيمتن جي تعين بابت بيس ايئر 2015 ۽ 2016 مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *