وفاقي حڪومت ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ هلندڙ ڪوششن جي باضابطا طور تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ نون مئل گهوڙي ڪالاباغ ڊيم کي ٻيهر جيئارڻ جــِي ڪوشش ڪئي آهي، پاڻي ۽ بجلي جي وزارت، ڪالاباغ ڊيم سميت ستن ڊيمن جي منصوبابندي جاري آهي، ڪالاباغ ڊيم جي تفصيلي ڊزائن ۽ ٽينڊر جا دستاويز 1988ع کان مڪمل آهن. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ جاري آهي. پاڻي ذخيرن جي منصوبن بابت پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران لکت ۾ جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڪالاباغ ڊيم سميت 7 ڊيمن جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. جواب ۾ چيو ويو ته ڪالاباغ ڊيم جي تفصيلي ڊزائن ۽ ٽينڊر دستاويز 1988ع کان مڪمل آهن جڏهن ته منصوبي تي عملدرآمد حڪومت جي فيصلي کانپوءِ ئي ٿيندو. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت موجب دراوت، شيوڪ منڊا ڊيم، ٽانڪ، ونڊر، گاورڪ ۽ پاپن ڊيمن جي منصوبابندي جاري آهي. اجلاس دوران مخالف ڌر جي ميمبرن حڪومت پاران منيٰ سانحي جا مڪمل تفصيل ڏيڻ ۾ ناڪامي تي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. مذهبي معاملن واري وزير سردار يوسف چيو ته منيٰ سانحي ۾ 99 پاڪستاني شهيد ٿيا آهن. سردار يوسف چيو ته سعودي اختيارين طرفان 70 حاجين جي تصديق ڪري سندن تدفين ڪئي وئي جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جن جي وارثن سندن شهادت جي تصديق ڪئي. اجلاس دوران پ پ سينيٽر سسئي پليجي ٺٽي ضلعي جي ڳوٺن مان 50 ٽرانسفارمر لاهڻ تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. سسئي پليجو چيو ته ٽرانسفارمر لاهڻ مڪاني چونڊن کان اڳ سياسي انتظامي ڪارروائي آهي. ان موقعي تي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته ٺٽي جي ڳوٺن مان لاٿل رڳو 19 ٽرانسفارمرز تي 88 لک 41 هزار رهتون آهن. هن چيو ته ٽرانسفارمر لاهڻ جي معاملي جو مڪاني چونڊن سان ڪو تعلق ناهي ۽ نه ئي اها انتقامي ڪارروائي آهي. خواجا آصف چيو ته ڪراچي واٽر بورڊ ۽ واسا حيدرآباد ڏانهن اربين رپيا رهيل آهن، انهن جا ڪنيڪشن ناهن ڪاٽيا. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته ننڍن واهپيدارن جو ٽرانسفارمر لاهڻ جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي. اجلاس دوران ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ اسٽيٽ بينڪ جو ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *