وفاقي حڪومت کي 10 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري هدايت

اسلام آباد (م.ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري وارو معاملو ڏهه ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسان پارليامينٽ کي مضبوط ڏيڻ گهرون ٿا ۽ اهو ڪم توهان کي ڪرڻو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو انتهائي اهم آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي معاملو حل ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرز جي مقرري نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت حڪومت کي اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرز جي مقرري وارو معاملو 10 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي ۽ وفاق طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر پيش ٿيو. ٻڌڻيءَ دوران وفاقي سرڪار ميمبرز جي مقرري وارو مامرو حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت جي استدعا ڪئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته گذريل ڏينهن پارلياماني ڪميٽي جو ستون اجلاس ٿيو، معاملو حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا، حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪوششن جو به قدر ڪريون ٿا. عدالت ن ليگ اڳواڻ ۽ درخواستگذار محسن شاهه رانجهان کان پڇيو ته ڇا توهان سُپريم ڪورٽ ۾ ڪا پٽيشن داخل ڪرائي آهي ڇا؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن معاملا حل ٿيڻ وڃي رهيا آهن ته توهان عدالت ڇو آيا؟ توهان اهڙا مامرا عدالت ۾ ڇو آڻيندا آهيو، سمجهه ۾ نٿو اچي. چيف جسٽس درخواستگذار سان مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته سڀ ڪجهه توهان وٽ آهي، چونڊيل نمائندا آهيو، پاڻ معاملا حل ڪيو، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پارليامينٽ جا معاملا عدالت ۾ ڇو آڻي رهيا آهيو؟ توهان کي اسان وٽ نه اچڻ گهرجي، بلڪه سمورا اختلاف پارليامينٽ ۾ حل ڪريو، هر ميمبر کي گهرجي ته ڪوشش ڪري عدالت بدران پارليامينٽ ۾ ئي معاملو حل ڪري. چيف جسٽس اطهر من الله نواز ليگ اڳواڻ محسن شاهه نواز رانجها سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان پارليامينٽ کي مضبوط ڏيڻ گهرون ٿا ۽ اهو ڪم توهان کي ڪرڻو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو انتهائي اهم آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي معاملو حل ڪرڻ گهرجي. هتي ماضي ۾ ڪجهه شيون ٺيڪ نه ٿيون آهن، اسان جي نظر ۾ آهي، توهان کي پارليامينٽ ۾ وڏا وڏا اشوز حل ڪرڻي آهن، هي ته رڳو ٻن ميمبرز جي مقرري جو معاملو آهي. چيف جسٽس اطهر من الله پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته نيلسن منڊيلا 24 سال قيد ڪاٽڻ باوجود پنهنجي مخالفن کي معاف ڪري ڇڏيو هو. محسن شاهه نواز رانجها چيو ته کيس اُن پٽيشن جي خبر نه آهي، جيڪا سُپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي.ٻڌڻيءَ دوران سيڪريٽري قومي اسيمبلي عدالت کي استدعا ڪئي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين درخواست ڪئي آهي ته معاملو حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته درخواستگذار به وقت ڏيڻ چاهي ٿو، ٻئي ڌُريون متفق آهن ته معاملو حل ڪري وٺو. پارليامينٽ جي بالادستي جي ذميواري توهان تي لاڳو ٿئي ٿي. عدالت معاملو 10 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *