وفاقي حڪومت پيپلز پارٽيءَ کي قيادت کان محروم رکڻ ٿي چاهي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (م.ڊ) وڏي وزير جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته وفاقي حڪومت پيپلز پارٽيءَ کي قيادت کان محروم رکڻ ٿي چاهي، مناسب سڪيورٽي نه ملڻ تي بينظير ڀٽو جي شهادت ٿي، بلاول ڀٽو کي مناسب سڪيورٽي ملڻ گھرجي، پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته اسان جي قيادت کي خطرا آهن، ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ٻيهر وزيراعظم بڻجندڙ شخصيتن کي به شهيد ڪيو ويو، عدليا کي ڪجھه نه ٿو چئي سگھان، عدليا جو وڏو احترام ڪندو آهيان، هن چيو ته عدليا جو اسان جي معاشري ۾ وڏو اهم ڪردار آهي، عدليا اپيل جو حق ڏئي اختلاف ڪرڻ جو حق ڏنو، صلاحڪارن بابت عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪنداسين.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *