وفاقي حڪومت پاران ڪي اليڪٽرڪ جو معاملو سپريم ڪورٽ کڻي وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪراچي ۾ 70 سيڪڙو موت مزدوري ڪندڙن جا ٿيا، ماحولياتي تبديلي سبب گرمي جي شدت وڌي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڪراچي ۾ موت تمام وڏو سانحو آهي، سندس چوڻ هو ته اهو به چيو ويو ته وڏي انگ ۾ فوتگين سبب قبرستانن ۾ جاءِ گهٽجي وئي، جڏهن قبرستانن ۾ چائنا ڪٽنگ ٿيندي ته جاءِ ته گهٽجندي،قبرستانن جي جاءِ تي هائوسنگ اسڪيمون ٺاهيون ويون آهن، پوءِ اتي مردن لاءِ جاءِ ڪٿان ملندي؟ مردا اٿي قبضو ڪندڙن کان پنهنجو حق ته نه ٿا گهري سگهن.  وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومتکي ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسپتالن جي صورتحال ڏسڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي.خواجا آصف جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي حيثيت ۾ اسان معمولي ذميواري قبول ڪيون ٿا. هن ڪي اليڪٽرڪ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهڙي فيصلي جو مقصد اهو آهي ته جيئن بجلي جي بحران جو صحيح حل نڪري سگهي. هن سنڌ سرڪار کي صلاح ڏني ته ڪراچي ۾ ميگا پراجيڪٽن سان گڏ قبرستانن لاءِ به جاءِ رکي، ڇو ته سڀني جي آخري آرامگاهه اها ئي آهي. وفاقي وزير چيو ته قانوني طور تي وفاق ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي ڏيڻ جو پابند ناهي، ڇو ته ان سان ڪانٽريڪٽ ختم ٿي چڪو آهي، ان کانپوءِ به اسان ڪي اليڪٽرڪ کي ساڍا 6 سئو ميگاواٽ بجلي ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ سان نئون ٺاهه ايوان جي رهنمائي جي روشني ۾ ڪنداسين، ان ۾ عوامي مفاد کي نظر ۾ رکيو ويندو، سنڌ حڪومت به پنهنجو فرض نڀائي. خواجا آصف چيو ته ڪي اليڪٽرڪ نجي ادارو آهي، جنهن کي صحيح نموني هلائڻ ته حڪومت جو فرض آهي پر ڪنهن به نجي اداري کي قومي تحويل ۾ وٺڻ حڪومت جي اوليتن ۾ شامل ناهي، اسان نيپرا سان رابطو ڪري چيو آهي ته اوهان کي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، جنهن کانپوءِ نيپرا معاملا ڏسي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *