وفاقي حڪومت پاران بدعنوان ۽ ڪرپٽن ماڻهن خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ايف آءِ اي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته پنهنجي دور ۾ وفاقي جاچ اداري کي سياسي يا غير قانوني ڪم لاءِ استعمال ناهي ڪيو، ايف آءِ اي جون بدعنوان ۽ ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ايف آءِ اي خلاف ڏنل بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته هــُـن پنهنجي دور ۾ ايف آءِ اي کي ڪڏهن  ذاتي، سياسي يا غير قانوني ڪم لاءِ استعمال ناهي ڪيو. هن چيو ته آصف زرداري خاطري ڪري ته ايف آءِ اي ڪنهن بيگناهه ماڻهو خلاف استعمال ناهي ٿي، اڳوڻو صدر چاهي ته هـــُـو ايف آءِ اي جي ڪارڪردگي بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ لاءِ تيارآهن. وفاقي گهرو وزير چيو ته ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن جي مد ۾ قومي خزاني 14 ارب رپين کان وڌيڪ فائدو ڏنو آهي. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته ايف آءِ اي پوري عزم سان گڏ ڪرپٽ ۽ بدعنوان عنصرن سان ڪا به رعايت نه ڪندي، جڏهن ته هو ايف آءِ اي جي ڪيسز جي عدالتي اسڪروٽني ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرائڻ لاءِ به تيار آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *