وفاقي حڪومت پاران اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري نه ڪرڻ بليڪ ميلنگ آهي: سعيد غني

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري نه ڪرڻ بليڪ ميلنگ آهي، اليڪشن جا اسٽيڪ هولڊر عوام ۽ سموري سياسي پارٽيون آهن اهڙو قانون جنهن سان ڪوئي متفق  نه ٿئي جيڪو نافذ نه ٿي سگهي پي ٽي آئي صاف شفاف اليڪشن جي ڳالهه ڪري ته ان کان وڏو مذاق ڪوئي نٿو ٿي سگهي اسان اليڪشن ڪميشن سان گڏ بيٺا آهيون ان جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پي ٽي آئي ۽ پي ڊي ايم به جلسا ڪيا پر گهڻا ماڻهو شريڪ نه ٿيا هن چيو ته گذريل ڏينهن ڪابينه اجلاس ۾ چيو ويو ته اي وي ايم کي استعمال نه ڪيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري نه ڪرڻ تي غور ڪندي هي وفاقي حڪومت جي وڏي بليڪ ميلنگ آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي مفلوج بنائڻ جي ڌمڪي ڏني پئي وڃي هن چيو ته ڊسڪا اليڪشن، چيئرمين سينيٽ جي اليڪشن پي ٽي آئي جي ڌانڌلي جي شاهد آهي چيئرمين سينيٽ جي خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ جيڪو ٿيو سڀني جي سامهون آهن هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن سان گڏ بيٺا آهيون هن چيو ته وزيراعظم مهانگائي جو ذميوار سنڌ کي قرار ڏئي رهيو آهي هنچ يو ته وزيراعظم سنڌ جي انهن ٽن شگر ملن جو نالو ٻڌائي جن جي ڪرشنگ سنڌ حڪومت روڪرائي هن چيو ته سوگهو ڪرڻو آهي ته فخر امام کي ڪريو جنهن قومي اسيمبلي جي فلور تي چيو ته 66 لک ٽن ڪڻڪ ڪيڏانهن وئي خبر نه آهي، کنڊ اسڪينڊل ۾ ڪنهن هڪ اهڙِ شخص جو نالو ٻڌايو جيڪو اپوزيشن مان هجي هن چيو ته ڪير اهڙو ڇا نالائق هو ته جنهن چيو 16 لک ٽن ڪڻڪ چوري ٿي سنڌ حڪومت سڄي سيزن ۾ 12 لک ٽن ڪڻڪ خريدي نالائق ته هي سڀ آهن پر وزيراعظم کي اهو سڀ ڪير ٻڌائي ٿو سعيد غني چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽِ جي حڪومتن جي 10 سالن جي ڀيٽ ۾ تبديلي سرڪار ٽن سالن ۾ ان کان وڌيڪ قرض وٺي چڪي آهي. هن نااهل ۽ نالائق حڪومت جي ڪري عوام سخت پريشان آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *