وفاقي حڪومت وقت تي کنڊ ايڪسپورٽ نه ڪري بحران پيدا ڪيو: مراد علي شاهه

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو معاملو انتظامي آهي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ تڪرار سان اسان جو ڪو واسطو ناهي. گهوٽڪي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت وقت تي کنڊ جي ايڪسپورٽ نه ڪري بحران پيدا ڪيو، ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي، سي سي آءِ ۾ به معاملو اٿاريو، ڪوشش آهي ته کنڊ جي ايڪسپورٽ تي سبسڊي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي. هن چيو ته هي چونڊن جو سال آهي، تياريون ڪري رهيا آهيون.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *