وفاقي حڪومت نيشنل ٽيڪس نمبر ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ناڻي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پهرين جولاءِ کان شهرين لاءِ نيشنل ٽيڪس نمبر ختم ڪيا پيا وڃن ايندڙ بجيٽ ۾ منظوري ورتي ويندي اين ٽي اين صرف ڪمپنين کي ڏنا ويندا عام شهرين جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ئي ان جو نيشنل ٽيڪس نمبر هوندو حڪومت غريبن جي امداد 12 هزار مان وڌائي 18 هزار رپيا ڪئي آهي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ خوش آئِند آهي فرنس آئل تي 5 سيڪڙو ليوي مان 5 ارب رپيا رڪوري ٿيندي چاڪليٽ ۽ ڪاسميٽنڪس اليڪٽرانڪس جو سامان امير طبقو استعمال ڪري ٿو سيلز ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي سان اسان کي صرف 46 ارب رپيا حاصل ٿيندا شاٽ فال 165 ارب رپين جو آهي ڪوئي به ٽيڪس يا ريگيوليٽري ڊيوٽي آئين ۽ قانون کان مٿانهين ناهي لڳائي ويئي اسان سڀ آئين جا پابند آهيون جڏهن ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد نويد قمر چيو ته ناڻي وزير پاران ايوان کي اعتماد ۾ وٺڻ تي خوشي ٿي آهي عوام ۽ پارليامينٽ جي مفاد کي نظر ۾ رکڻ گهرجي حڪومت کي تيل جي اگهن ۾ لاٿ سان واڌ جي شرح ۾ اضافي جو موقعو مليو آهي ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ٿيندي ٽيڪسن ۾ واڌ کي رد ڪيون ٿا فوري طور تي واپس ورتيون وڃن خميس تي قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته سي اين جي ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانا عدالت هليا ويا ڀاڻ جي قيمت حڪومت جي ڪوششن سان 1900 مان گهٽائي 1766 ڪئي ويئي هن چيو ته صوبن کي ڪيش رقم بدران گذريل ٻن سالن ۾ صوبن کي 1700 ارب رپيا بونس شيئر ڪيا ويا هن چيو ته هو هي شيئر اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وڪروڪري سگهن ٿا هن معاملي تي به هن عدالت سان رجوع ڪيو ان ڏس ۾ اسان کي 31 ارب رپين جو شاٽ فال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي هن چيو ته اسان جي آس پاس جي ملڪن به ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي رٿابندي ڪئي آهي. تيل شين جي پاڪستان ۾ قيمتون صرف خطي پر دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي ڀارت ۾ 103 رپيا 45 پئسا في ليٽر آهي سريلنڪا ۾ 91 نيپال ۾ 102 ۽ پاڪستان ۾ 70 رپيا آهي اسان کي ان سموري صورتحال جي حقيقتن کي نطر ۾ رکي جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين جولاءِ کان پوءِ لڳايل ريگيوليٽري ڊيوٽي جو ڪل روينيو 8 سيڪڙو ملي ٿو هن چيو ته پهرين جولاءِ 2015 کان سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ئي اين ٽي اين نمبر هوندو جنهن جي ايندڙ بجيٽ ۾ منظوري ورتي ويندي. پيپلزپارٽِ جي اڳاوڻ سيد نويد قمر چيو ته اسان کي خوشي آهي ته ناڻي وزير ايوان کي اعتماد ۾ ورتو آهي ٻي صورت ۾ اسان کي هي احساس ٿي رهيو هو ته حڪومت جي نظر ۾ پارليمانيٽ جي ڪائي عزت نه آهي هن چيو ته جيڪڏهن ٽيڪسن ۽ ڊيوٽي ۾ ڦيرڦار ايس آر اوز سان ڪرڻي آهي ته بجيٽ اجلاس جي ڪائي معنيٰ نٿي رهي عوام ۽ پارليامينٽ جي مفاد کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *