وفاقي حڪومت جي عوام دشمن بجيٽ غريبن کي هيٺاهين زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي؛ مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هاڻوڪي حڪومت عوام دشمن بجيٽ پيش ڪيو آهي جنهن جي بلاول ڀٽو سخت مخالفت ڪئي آهي هن چيو ته مزدور ۽ هاري سان ظلم ٿي رهيو آهي بجيٽ حڪومت نه پر پي ٽي آئي ۽ آئي ايم ايف جو جڙيل بجيٽ آهي جڏهن ته بجيٽ کانپوءِ مني بجيٽ آندو ويو سي اين جي اگهن ۾ 22 رپيا في ڪلو واڌارو ڪيو ويو. سي اين جي جي اگهن ۾ واڌاري سان عام ماڻهو متاثر ٿيندو. گيس جي اگهن ۾ واڌاري سان 22 ڪروڙ عوام جون رڙيون نڪرنديون گيس جي اگهن ۾ واڌاري سان صنعتون متاثر آهن. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته گيس جا اگهه وڌائي سرمايا ڪارن کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي سرمايا ڪاري بند ڪري ڇڏي سرماياڪاري بند ڪرڻ سان غريب جي چلهه نه ٻرندي نه ئي مٽا سٽا وارو ناڻو ايندو ملڪ جو وڏو مسئلو مٽا سٽا آهي پر حڪومت ان سٽ تي نظر ناهي ايندي. هاڻوڪي  حڪومت عوام دشمن بجيٽ پاس ڪيو. وزيراعظم عمران خان عوام سان ڪيل ڪو واعدو پورو ناهي ڪيو پي ٽي آئي حڪومت گذريل هفتي عوام دشمن بجيٽ پيش ڪيو پيپلزپارٽي ڀرپور طريقي سان ان عوام دشمن بجيٽ جي مخالفت ڪئي پيپلزپارٽي جي عوام دوست تجويزن کي حڪومت رد ڪيو ان مان ظاهر ٿيو ته بجيٽ ڪنهن ٻئي بڻايو آهي ڇنڇر واري ڏينهن بجيٽ پاس ٿئي ٿي ۽ سومر واري ڏينهن ماڻهن کي خبر پئي ته سي اين جي جا اگهه وڌي ويا آهن گذريل ڏهن مهينن ۾ 263 سيڪڙو گيس جي اگهن ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي ان جا واضح اثر عام ماڻهن جي زندگي تي پوندا ڏهه مهينا گذارڻ کانپوءِ ناڻو مٽا سٽا وڌائڻ جي حوالي سان حڪومت جي ڪا واضح سٽ نظر نه ٿي اچي پر ملڪي سرمايا ڪارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي هو مجبور ٿي پنهنجي صنعتن کي بند ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن افسوس آهي ته حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعطم مملڪتي معاملن تي ڌيان ڏيڻ بجائي اپوزيشن جي اڳواڻن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش تي ڌي ڏئي رهيو آهي هن چيو ته سيف الله ڌاريجو پهريون به پي پي ۾ هيو ۽ ٻيهر به پي پي ۾ شموليت اختيار ڪئي وزيراعظم گهوٽڪي ويو هو هن سردارن سان ملاقات ڪئي هئي گهوٽڪي ۾ جيڪو اڳواڻ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سامهون چونڊ وڙهي رهيو آهي اهو اڄ به گهوٽڪي جو چيئرمين آهي باري پتافي چونڊ وڙهڻ کان پهريون استيفيٰ ڏني هئي حڪومت جادو ٽوڻي بنا انگ اکرن تي هلنديون آهن پي ٽي آئي جادو ٽوڻي تي يقين رکندي آهي پيپلزپارٽي جمهوريت تي يقين رکندي آهي گهوٽڪي ضمني اليڪشن ۾ اميدوار گهوٽڪي ڊسٽرڪ جو چيئرمين آهي اليڪشن م اميدوار ۽ ايگزيڪٽو اٿارٽي تي مقرر آهن اليڪشن ڪميشن اميدوار جو ڊسٽرڪ ڪونسل جي چيئرمين خلاف نوٽس وٺن جو مطالبو فواد چوهدري چيو ته پيپلزپارٽي جادو ٽوڻي تي يقين ناهي رکندي خبرون اهي هيون ته گورنر سنڌ تبديل پيو ٿئي .هن چيو ته هارس ٽريڊنگ پي ٽي آئي جو شيوو آهي سنڌ جا اسيمبلي اڳواڻ بهادر ۽ شعور وارا آهن ماضي ۾ جهانگير ترين جو جهاز 50 رپيا في ڪلو ميٽر جي حصاب سان هلندو رهيو ۽ هاڻي به پي ٽي آئي حڪومت عوام دشمن فيصلا ڪري رهي آهي پيپلزپاٽي عوام جي جماعت آهي ان کي پاڪستان جي عوام جو ڏک ۽ احساس آهي اهڙي طرح عمران خان نيازي عوام سان ظلم ڪندو رهيو ته عوام کي روڊن تي اچڻ کان ڪو روڪي نه سگهندو عوام پريشان ۽ بدحال آهي پر وزيراعطم عمران خان نيازي جي ڪابينه عيش عشرت جي زندگي گزاري رهي آهي اهو ڪهڙو ٻٽو معيار آهي نيازي صاحب عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيو نت ته عاوم جي غضب سان توهان کي ڊڄڻ کپي.

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *