وفاقي حڪومت جو پرڏيهه فرار ٿيلن کي انٽرپول ذريعي واپس آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گھرو وزارت سمورن اشتهاري ڏوهارين جا نالا اي سي ايل ۾ وجھڻ جو فيصلو ڪري ورتوآهي. چوڌري نثار علي خان جو چوڻ آهي ته پرڏيهه فرار ٿيل ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪيو ويندو، بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي اڳواڻن کي ڦاهين جي سخت مذمت ڪندي هُن چيو ته بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي سان غير انساني سلوڪ ٿي رهيو آهي. جماعت اسلامي اڳواڻن کي پاڪستان سان وفادري جي سزا ڏني پئي وڃي. دنيا ڇو خاموش آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ هو ته بنگلاديش ۾ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، وزير اغظم گڏيل مشاورت سان پاليسي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته ايف آءِ اي ۽ پوليس 18 سئو اشتهاري گرفتار ڪيا آهن، پرڏيهه ۾ موجود اشتهارين جي گرفتاري لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته اڳوڻن وزيراعظمن يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف جا نالا 3 سال اڳ اي سي ايل ۾ وڌا ويا هئا، اهي نالا نيب جي درخواست تي وڌا ويا.  گھرو وزارت موجب لنڊن ۾ مني لانڊرنگ ۽ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ٻه رڪني ٽيم هلندڙ هفتي پاڪستان ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *