وفاقي حڪومت جو هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ پوليو ويڪسين مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي حڪومت هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ پوليو ٽيڪو مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي هڪ سال عمر جي 61 لکٻارڙن کي پوليو ويڪسين جا ٽڪا لڳايا ويندا پنجاب ۾ عيد کان پوءِ مهم شروع ٿيندي تفصيل مطابق وفاقي حڪومت هلندڙ سال پوليو ڦڙن سان گڏوگڏ ٽڪن جي مهم هلائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال 61 لک ٻارڙن کي پوليو ويڪسين جا ٽڪا لڳايا ويندا پنجاب تياريون مڪمل ڪري وٺي عيدالفطر کان پوءِ لاهور ۽ فيصل آباد سميت پنجاب صوبي جي سمورن ضلعن ۾ 32 لک ٻارڙن کي پوليو ٽڪا لڳايا ويندا ماهر انهن ٽڪن کي ٻارڙن جي مدافعتي نظام لاءِ نهايت فائيديمند ڪوٺين ٿا پوليو ڦڙن جو في ٻارڙو خرچ 30 رپيا جڏهن ته ٽڪي تي 1500 رپيا خرچ ٿيندا ٽن سالن جي هن مهم تي 3 ارب رپيا خرچ ٿيندا رقم عالمي اتحاد ايمونائيزيشن گاوي فراهم ڪندي. هي ٽڪا پوليو جي مخصوص مرڪزن ۾ لڳايا ويندا ٻئي مرحلي ۾ سنڌ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به پوليو ٽڪن جي مهم شروع ٿيندي باقي ٽن صوبن به تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *