وفاقي حڪومت جو اسٽيل ملز کي ليز تي ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي/اسلام آباد(م.ڊ) وفاقي حڪومت اسٽيل ملز کي ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين ۽ مملڪتي وزير محمد زبير چيو آهي ته اسٽيل ملز بند پيل آهي، سنڌ سرڪار به دلچسپي ناهي ڏيکاري. هن چيو ته اسٽيل ملز جي خريداري ۾ ڪير به دلچسپي نه پيو ڏيکاري. ان ڪري حڪومت ملز کي ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. محمد زبير وڌيڪ ٻڌايو ته اسٽيل ملز کي ٻن ٽن هفتن اندر ليز تي ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *