وفاقي حڪومت جا حامي آهيون عليحدگي جي ڳالهه نه ڪئي آهي نه ڪنداسين: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات کاتي بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته اسان وفاق سان ڳالهيون ڪري سنڌ جا حق حاصل ڪنداسين حق ۽ سهولتون گهرڻ ڪو گناهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پريس ڪلب حيدرآباد جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان هميشه آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهندي خود مختياري جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪو اسان جو جائز حق آهي پاڪستان اسان جو ملڪ آهي پاڪستان جا وسيلا پوري ملڪ جي عوام جا وسيلا آهن جيڪي برابري جي بنيادي تي ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت جا حامي آهيون ڪڏهن به عليحدگي جي ڳالهه نه ڪئي آهي ۽ نه ڪنداسين هن چيو ته عمران خان پنهنجي اسپتال ۾ دهشتگردن جو علاج ڪري پاڻ اعتراف ڪيو آهي مون کيس دهشتگرد نه چيو آهي هن چيو ته پاڪستان وڏيون قربانيون ڏيڻ باوجود تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ڪيترائي معصوم ۽ پيارا ماڻهو مارجي ويا آهن جن ۾ فوج، رينجرز، پوليس سميت عام ماڻهن جو وڏو انگ پڻ شامل آهي جن کي ياد ڪرڻ اسان جو اخلاقي فرض آهي ۽ اسان کي ڪڏهن به انهن شهيدن جي قربانين کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ سڀني کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پاڪستان جي فوج دهشتگردن جي خاتمي واري ويڙهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ اهو اعزاز جنرل راحيل شريف ڏانهن وڃي ٿو جڏهن ته ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو اسان دهشتگردن جي خاتمي ۽ آپريشن جا حامي آهيون جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد ۾ رينجرز جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي آهي هن چيو ته وڏو وزير سيد قائم علي شاهه آئين ۽ قانون موجب سنڌ حڪومت هلائي رهيو آهي ۽ جيستائين الله پاڪ چاهيندو هو ان وقت تائين وڏو وزير رهندو صوبائي صلاحڪار چيو ته نواز شريف جي حڪومت ۾ آصف زرداري تي ڪوڙا ڪيس مڙهيا ويا پر ڪو به الزام ثابت نه ٿي سگهيو هن چيو ته اسين احتساب جا حامي آهيون پر اهو غير جانبدار ٿيڻ گهرجي هن چيو ته هن وقت تائين ملڪ ۾ سياسي ڪلچر پنهنجون پاڙون پختيون نه ڪري سگهيو آهي ۽ ملڪ ۾ هميشه خوف جي جمهوريت رهي آهي ايم ڪيو ايم بابت سوال تي هن چيو ته متحده سنڌ جي وسندڙ جماعت آهي جنهن جو پنهنجو منشور آهي. مقامي حڪومت بابت سوال تي هن چيو ته معاشري جو ماحول بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت ۾ قانون سازي ٿيندي رهندي آهي جيڪي اختيار قانون موجب ضروري هوندا اهي ڏنا ويندا مشرف دور جو ناظمي نظام سنڌ لاءِ بهتر نه هو هن چيو ته اسان به آئين جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ وفاقي حڪومت به آئين جي ڳالهه ڪري رهي آهي ۽ ٿيندو به اهو جيڪو آئين ۾ هوندو هن چيو ته فهميده مرزا ۽ سندس مڙس حڪومت تي مسلسل الزام مڙهي رهيا آهن پر پ پ پ محتاط آهي ۽ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال اهڙو ماڻهو نه آهي جو کين نقصان پهچائي ان موقعي تي پريس ڪلب حيدرآباد جو صدر جئه پرڪاش ۽ جنرل سيڪريٽري ناصر شيخ کان علاوه ٻيا سينئر صحافي پڻ موجود هئا.اي پي پي/ن – ش 18:14

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *