وفاقي حڪومت،ڌرڻن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانونسازيءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت،ڌرڻن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانونسازيءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ جلسن، جلوسن ۽ ڌرڻن بابت قانون واري وزارت مسودو تيار ڪري ورتو آهي. مسودي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حساس هنڌن تي عام ماڻهن ۽ احتجاج ڪندڙن جي داخلا تي پابندي هوندي. مسودي موجب انتهائيحساس علائقن ۾ جلوس، مظاهرا ۽ ڌرڻا نه ٿا هڻي سگهجن. متن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ريڊ زون ۾ ڊي چوڪ ۽ شاهراهه دستور تي موجود عمارتون به شامل آهن. مسودي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 6 مهينا قيد ۽ 5 کان 10 هزار رپيا ڏنڊ ڀرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *