وفاقي اشتهاري پاليسي آخري مرحلي ۾ آهي، اشتهارن جي منصفانه ورهاست کي يقيني بڻايو ويندو: وفاقي سيڪريٽري اطلاعات زاهده پروين

ڪراچي(پ.ر) وفاقي ايڊورٽائزمنٽ پاليسي تياري جي آخري مرحلي ۾ آهي ۽ ان ضمن ۾ ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي طرفان موصول ٿيل قابل عمل تجويزن کي نئين ايڊورٽائزمنٽ پاليسي ۾ ضرور شامل ڪيو ويندو جڏهن ته اخبارن جي لاءِ وفاقي اشتهارن جو به مناسب حصو ڏين جي لاءِ  خاطر خواهه فيصلا ڪياويندا. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي سيڪريٽري اطلاعات زاهده پرويزن سي اي اين اي جي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ان سان گڏ ڊائريڪٽر جنرل پي آئي ڊي (ڪراچي)  سڪندر شاهه به موجود هو. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري اشتهارن جي منصفانه ورهاست کي يقيني بڻايو ويندو ۽ اخبارن جي مواد جي ويب سائيٽس تي غير قانوني اشاعت ۽ ڪاپي رائٽس قانونن جي خلاف ورزين جي مرتڪب عنصرن جي خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، سيڪريٽري اطلاعات زاهد پروين پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته سرڪاري اشتهارن تي سمورن صوبن جو حق آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي اخبارن کي اشتهارن ۾ جائز حصو نه ملڻ جي شڪايت جو جائزو وٺي ازالو ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ اشتهارن جي ورهاست ۾ شديد مرڪزيت جي پاليسي کي ختم ڪري پي آئي ڊي جي رينجنل آفيسن کي حسب سابق اختيار ڏنا ويا  آهن، اشتهارن جي ضمنت ۾ حڪومت کان بقاياجات جي وصولي جي باوجود اخبارن کي ادائيگيون نه ڪرڻ واري اشتهاري ايجنسين جي خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ وفاقي وزارت اطلاعات سرڪاري اشتهارن جي اگهن ۾ اضافي جي مطالبي تي به مناسب فيصلو ڪندي، ان کان اڳ سي پي اين اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ، اڳوني سيڪريٽري جنرل اعجاز الحق، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عامر محمود، فنانس سيڪريٽري حامد حسين عابدي، سينيئر ميمبر سعيد خاور، مقصود يوسفي، غلام نبي چانڊيو، عارف بلوچ، عبدالخالق علي، مشتاق احمد قريشي، محمد طاهر، ميان طارق جاويد، عثمان عارب ساٽي، محمد عرفان، مدثر عالم، شير محمد کهاوڙ، بشير احمد ميمڻ، منزه سهام، ۽ بلقيس جهان وفاقي سيڪريٽري کي اخبارن جي ايڊيٽرن جي مسئلن کان آگاهه ڪندي چيو ته اخباري ادارن جا ڊگهي وقت کان انتهائي سنجده ۽ حل طلب مسئلا عدم توجهه جي ڪري تاحال جئين جو تئين آهن، جڏهن ته مهانگائي جي طوفان ۽ بقايا جي عدم ادائيگين جي ڪري اخباري ادارا سخت بحران جو شڪار اهن، نتيجو وڏي انگ ۾ صحافين ۽ ٻين ميڊيائي ڪارڪنن کي بي روزگار ٿيڻ جو خدشو آهي، سي پي اين اي جي اڳواڻن وفاقي سيڪريٽري اطلاعات سان اخباري ادارن جي مسئلن کي  ترجيهي بنيادن تي حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، تقريب جي آخر ۾ سيڪريٽري اطلاعات زاهد پرويزن کي سي پي اين اي جي عورت ايڊيٽرن سنڌ جو تحفو اجرڪ پهرايو ۽ يادگاري ِشيلڊ پيش ڪئي، تقريب ۾ سي پي اين اي جا ميمبر محمود عالم خالد، رضا شاهه، صحبت ٻرڙو، افضل وارثي، سلمان قريشي، قيوم خان، ذوالفقار بلوچ ۽ حميده گهانگهرو به خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *