وفاقي ادارا ايترو پري تائين نه وڃن، جتان واپسي ممڪن ئي نه ٿئي: آصف زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، اڳوڻي صوبائي وزير علي نواز  شاهه کي مليل سزا کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو آهي ته عدالتي نظام جو اهڙي طرح غلط استعمال ڪرڻ سان حالتون خراب ٿينديون، ادارا ايترو پري تائين نه نڪري وڃن، جتان واپسي ئي ممڪن نه ٿي سگهي.  هڪ جاري ڪيل بيان ۾ پ پ جي شريڪ چ/يئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سيد علي نواز شاهه کي مليل سزا تي سخت  ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته علي نواز شاهه کي ان ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي آهي، جنهن ۾ کيس پهريان آزاد ڪيو ويو هو، جڏهن ته 2011 ۾ سرڪار ساڳي ڪيس ۾ کيس معاوضو پڻ ڏنو هو. هن چيو ته پيپلزپارٽي خلاف ٻيهر انتقامي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن، جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته وفاقي ادارا صوبن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ڪن پيا. آصف علي زرداري چيو ته علي نواز شاهه سٺي ساک رکندڙ سياستدان آهي، ساڻس اهڙو سلوڪ ڪنهن به ريت برداشت نه ڪيو ويندو. پ پ جي شريڪ چيئرمين چيو ته عدالتي نظام کي غلط استعمال ڪرڻ جي روايت نه وڌي وڃي، جيڪڏهن عدالتي نظام جو اهڙي طرح سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪيو ويو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. آصف علي زرداري وفاقي ادارن کي خبردار ڪيو ته ايترو پري تائين نه وڃو، جتان واپسي ممڪن ئي نه ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *