وضاحت ٿي وئي آهي، مخالف ڌر نه بائيڪاٽ ڪيو نه واڪ آئوٽ ۽ نه ئي ڪيٽ واڪ ڪيو: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته سٺو ٿيو جو اڄ خورشيد شاهه واضع ڪري ڇڏيو آهي ته وزير اعظم جي تقرير کان پوءِ مخالف ڌر اڄ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو نه واڪ آئوٽ هو، نه بائيڪاٽ ۽ نه ئي ڪيٽ واڪ هو. خواهش آهي ته جيئن اسان مخالف ڌر جون تقريرون ٻڌي رهيا آهيون هو به اسان جون تقريرن ٻڌن. مخالف ڌر کان پوءِ اسان کي تقرير جو حق آهي پر هڪ ” ٻئي“ مخالف ليڊر کي ڏاڍي جلدي آهي  ان ڪري پنهنجي حق کان هٽي رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اظهار ڪندي پرويز رشيد چيو ته مخالف ڌر اڳواڻن ۽ ٻين ميمبرن کي ڀليڪار چوان ٿو ۽ مبارڪ ڏيان ٿو ته هو نه رڳو هائوس ۾ آيا پر هنن صفائي به پيش ڪري ڇڏي ته جنهن جي باري ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان ٽيلي ويزن تي مختلف اندازا پيش ڪيا  پيا وڃن ته هي واڪ آئوٽ آهي يا بائيڪاٽ ۽ جيڪڏهن هي واڪ آئوٽ هو ته مخالف ڌر جي نه چوڻ باوجود ڪيو ويو پر هاڻ سٺو ٿيو جو مخالف ڌر کلي ڪري ان جي وضاحت ڪري ڇڏي ته نه هي واڪ آئوٽ هو ۽ نه بائيڪاٽ ۽ نه ڪيٽ واڪ هو.  پرويز رشيد چيو جيئن وزير اعظم نواز شريف ايوان ۾ آيو ۽ پنهنجي ڳالهه ڪئي ۽ پوءِ اپوزيشن جي ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ ويٺو رهيو پر اسان سڀ ويٺا رهياسين ۽ انتظار ۾ هئاسين ته اهي ڳالهائيندا ۽ اسان ٻڌنداسين پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو، البت اهو ٽن ڏينهن کان پوءِ اڄ آيو ۽ اڄ به اسان ان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ويٺل آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *