وزير اعظم 7 سوالن جا جواب نه ڏنا: مخالف ڌر جو قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد(بيورو) مخالف ڌر وزير اعظم پاران سوالن جا جواب نه ڏيڻ تي قومي اسيمبلي جو واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزير اعظم نواز شريف خطاب ڪيو، وزير اعظم جو خطاب ختم ٿيو ته مخالف  ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه خطاب ڪيو. خورشيد شاهه تقرير شروع ڪئي ته مخالف ڌر ميمبرن هُل ڪندي هنگامو ڪيو.ان تي اسپيڪر خورشيد شاهه کي چيو ته هنن کي سمجھايو، توهان جا ساٿي آهن. بعد ۾ مخالف ڌر جا ميمبر خاموش ٿي ويا. خورشيد شاهه پنهنجي تقرير ۾ چيو ته  اسين ستن سوالن جا جواب وٺڻ آيا هئاسين پر وزير اعظم جيڪا تقرير ڪري وضاحت ڪئي آهي ان ۾ هُن ست سوالن مان ستر سوال وڌائي ڇڏيا آهن. هن چيو ته اسان سوچيو هو ته اسان جي ستن سوالن جا جواب وزير اعظم آساني سان ڏئي ڇڏيندو پر هتي ته دبئي به اچي ويو، جدو به اچي ويو، اسان کي سوالن جا جواب ناهن مليا. پارليامينٽ جو وقت ضايع نه ٿو ڪرڻ چاهيان. قوم کي سوالن جا جواب گھرجن. خورشيد شاهه جي انهن لفظن کانپوءِ اپوزيشن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري وئي.  خورشيد شاهه چيو آهي ته وزير اعظم پاران قومي اسيمبلي ۾ اچڻ تي صبر جو مظاهرو ڪنداسين ۽ وزير اعظم کي تقرير کان پوءِ به ايوان ۾ ويهڻ گهرجي. ميڊيا رپورٽ موجب خورشيد شاهه چيو ته وزير اعظم کي ايوان ۾ اچي سڀني سان ڳالهائڻ گهرجي ۽ تقرير کان پوءِ به ايوان ۾ ويهڻ گهرجي. هن چيو ته ميثاق جمهوريت موجود آهي ته پيار سان ڳالهائي رهيو آهيان، آئون اهڙي سياست کي پسند ناهيان ڪندو جنهن سان سسٽم کي نقصان پهچي. بينظير ڀٽو شهيد جي به اها ئي پاليسي هئي جنهن تي اسان به عمل ڪري رهيا آهيون. هن جو چوڻ هو ته پاناما پيپرز تي چيف جسٽس جو جواب اسان جي موقف تي تائيد آهي تنهن هوندي هن ڪميشن جوڙڻ کان انڪار ناهي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *