وزير اعظم ۽ ان جي خاندان تي الزام آهن، ڪميشن جو سربراهه سرڪاري ڌر مان نه هجڻ گھرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) مخالف ڌر پاناما ليڪس معاملي تي پارلياماني ڪميشن جوڙڻ جي گھر ڪندي ان جو سربراهه اپوزيشن مان کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته وزير اعظم ۽ ان جي خاندان تي الزام آهن، ان ڪري ڪميشن جو سربراهه سرڪاري ڌر مان نه هجڻ گھرجي پر مخالف ڌر مان کنيو وڃي. پنهنجي بيان ۾ سيد خورشيد شاهه چيو ته  جسٽس سرمد جلال عثماني هڪ بهترين جج رهيو آهي پر ن ليگ سان لاڳاپيل آهي، ان جو نالو ڪميشن لاءِ قبول ناهي. هن چيو ته مخالف ڌر ڪنهن به حڪومتي شخصيت کي ڪميشن سربراهه طور قبول نه ڪندي. هن چيو ته  رضا رباني تڪراري ناهي ۽ موزون شخصيت آهي ان ڪري سندس نالو تجويز ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *