وزير اعظم پاران گوادر لاءِ هڪ ارب جو اعلان، بلوچستان کي پاڪستان جو ٽائيگر بڻائينداسين: نواز شريف

گوادر (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ روڊ ٺهڻ سان گڏيل ترقي ٿيندي آهي، روڊ ٺهندا آهن ته صنعت ۽ زراعت جي ترقي ٿيندي آهي، پاڪستان، ايشيا ۽ بلوچستان پاڪستان جو ٽائيگر بڻجندو، گوادر ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته بلوچستان هاڻي محروم نه آهي، محروميون دور ڪرڻ جو سبب بڻجندو، اڄ ترقيءَ جو هر رستو بلوچستان مان نڪرندي نظر اچي رهيو آهي، اسان وڏي حوصلي  سان ملڪ کي ٽريڪ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، روڊن کان پوءِ اسڪول، ڪاليج ۽ اسپتالون به ٺهنديون، حڪومت ملي ته لوڊشيڊنگ، تباهه ٿيل خزانو، بند صنعتون ۽ دهشتگردي عروج تي هئي، بلوچستان مان 11 سئو ڪلوميٽر ڊگھو روڊ ٺهي رهيو آهي، روز بلوچستان جي منصوبن بابت جائزو وٺندو رهندو آهيان، ڪو ڏينهن اهڙو ناهي گذرندو جڏهن اسان گوادر ۽ بلوچستان جي ڳالهه نه ڪندا هجون، گوادر ۽ بلوچستان روز اسان جي ايجنڊا ۾ هوندو آهي، اڄ گوادر جون زمينون سون کان به وڌيڪ قيمتي بڻجي ويون آهن، بلوچستان جي وڏي وزير کي يقين ٿو ڏياريان ته بلوچستان جي ترقيءَ ۾  ساڻس گڏ بيٺل آهيون، اڄ گوادر ايندڙ ماڻهو شاهراهه جي تعريف ڪري رهيا آهن، انهن علائقن ۾ روڊ ٺاهيا جتي انتها پسندي ۽ دهشتگردي هئي، وڏو وزير سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، گوادر ۾ 300 ميگا واٽ بجليءَ جا ڪارخانا لڳايا پيا وڃن، ڪجھه ڳالهين جي نتيجن ۾ وقت لڳي ويندو آهي پر نتيجا ضرور نڪرندا آهن، 19 ارب رپيا بلوچستان جي عوام تي قربان آهن هي سندن حق آهي، 3 سالن ۾ بلوچستان جي ترقيءَ جي لاءِ جيڪو ڪجھه ٿيو اهو ماضيءَ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو، گوادر ضلعي جي ماڻهن کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا، 100 ڪروڙ رپين جو گرانٽ رکيو آهي جيئن يونيورسٽي ٺهرائي وڃي، گوادر ۾ ملڪ جي بهترين اسٽيٽ آف دي آرٽ يونيورسٽي ٺهڻ گھرجي، اهڙي يونيورسٽيءَ جو اسلام آباد جا ماڻهو گوادر يونيورسٽيءَ ۾ اچي پڙهن، گوادر ۾ هڪ بهترين يونيورسٽي ٺهڻ گھرجي، مقامي ماڻهن کي گوادر جي زمينن مان فائدو ناهي پهتو، گوادر ۾ زمين جي اصل مالڪن کي خوشحاليءَ ۾ حصو ملڻ گھرجي، زمينن سان اربين رپيا فائدو وٺندڙ ماڻهو مقامي نه آهن، مقامي ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار بهتر ڪرڻ اصل ضرورت آهي، جلد سي پيڪ ۾ صاف پاڻيءَ جو پراجيڪٽ لڳڻ وارو آهي، بلوچستان ۾ روڊن جو ڄار وڇائي رهيا آهيون، گوادر چين جي سرحد سان لڳي رهيو آهي، گوادر جي گھٽين ۽ روڊن جي لاءِ 100 ڪروڙ رپين جو اعلان ٿو ڪيان، احسن اقبال کان پڇندس ته انهن شاگردن جي داخلا جو ڇا ڪيو، ٻارڙيون به پڙهنديون، اوهان به ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو وجھو، وزيراعظم چيو ته گوادر جي 50 نوجوانن کي چيني زبان سيکارڻ جي لاءِ چين موڪليو ويندو.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *