وزير اعظم ٽيپو سلطان بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بهادر شاهه ظفر بڻجي ويو: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حفيظ شيخ کي فارغ ڪري سٺو ڪم ڪيو پر سڄي ڪابينا مهانگائي ۾ شامل آهي، وزير اعظم ٽيپو سلطان بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بهادر شاهه ظفر بڻجي ويو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق جو چوڻ هو ته حڪومت في الفور اسٽيٽ بينڪ جو آرڊيننس واپس وٺي جيڪا غلام آهي، آرڊيننس واپس نه ورتو ويو ته ”گو آءِ ايم ايف گو“ تحريڪ شروع ڪنداسين. سراج الحق جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف کي اسٽيٽ بينڪ جو وائسرائي بڻايو پيو وڃي، ملڪ جي خلاف سازش ناڪام بڻائڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم مفاد حاصل ڪندڙن جو ٽولو آهي پر هو آءِ ايم ايف جي سازش ناڪام بڻائڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهائيندو ۽ گڏجي هڪ پليٽ فارم تان حڪمت عملي بڻائينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *