
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان جاري ڪيل پارليامينٽرينز ٽيڪس ڊائريڪٽري موجب وزير اعظم عمران خان 1 لک 3 هزار 763 رپيا جڏهن ته ملڪ جي صدر عارف علوي 3 لک 77 هزار 511 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. تفصيل موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پارليمي/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 03
نٽرينز ٽيڪس ڊائريڪٽري 18-2017ع جاري ڪري ڇڏي. ڊائريڪٽري موجب وزير اعظم عمران خان 1 لک 3 هزار 763 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. ڊائريڪٽري موجب ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر 48 لک 49 هزار 615 رپيا ٽيڪس ڏنو. ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد 7 لک 2 هزار 698 رپيا، جهانگير ترين 9 ڪروڙ 73 لک 17 هزار 272 رپيا، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 6 لک 53 هزار 943 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. وفاقي وزير فهميده مرزا 2 لک 27 هزار 591 رپيا، ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 لک 77 هزار 511 رپيا، وفاقي وزير خسرو بختيار 4 لک 75 هزار 573 رپيا ۽ مراد سعيد 2 لک 41 هزار 946 رپيا ٽيڪس ڏنو. اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي 30 لک 86 هزار 961 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو، اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف 2 لک 63 هزار 173 رپيا، چوڌري نثار 17 لک 23 هزار 38 رپيا ۽ حمزه شهباز 82 لک 68 هزار 298 رپيا ٽيڪس ڏنو. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق 2 لک 89 هزار 174 رپيا، احسن اقبال 3 لک 68 هزار 598 رپيا ۽ اسحاق ڊار 93 لک 84 هزار 606 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. ڊائريڪٽري موجب پيپلز پارٽي جي نويد قمر 1 لک 65 هزار 243 رپيا، سينيٽر فرحت الله بابر 3 لک 43 هزار 685 رپيا، سينيٽر اعظم سواتي 7 لک 64 لک 197 رپيا، سينيٽر روبينا خالد 44 هزار 485 رپيا ۽ سينيٽر اعتزاز احسن 2 ڪروڙ 58 لک 69 هزار 738 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق 1 لک 38 هزار 573 رپيا، ستاره اياز 1 لک 38 هزار 573 رپيا، شبلي فراز 6 لک 81 هزار 823 رپيا ۽ بابر اعواڻ 47 لک 84 هزار 96 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. ڊائريڪٽري موجب فاروق ايڇ نائيڪ 1 ڪروڙ 10 لک 62 هزار 116 رپيا، خوش بخت شجاعت 9 لک 20 هزار 419 رپيا، رضا رباني 6 لک 5 هزار 954 رپيا، مولانا فضل الرحمان 1 لک 20 هزار 225 رپيا، خورشيد احمد شاهه 2 لک 56 هزار 121 رپيا ۽ فريال ٽالپر 28 لک 69 هزار 133 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. وفاقي وزير خالد مقبول صديقي 1 لک 38 هزار 573 رپيا، محمود خان اچڪزئي 1 لک 38 هزار 573 رپيا، مريم اورنگزيب 2 لک 54 هزار 358 رپيا ۽ شيرين مزاري 15 لک 69 هزار 558 رپيا ٽيڪس ڏنو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 9 لک 88 هزار 864 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو، هن بزنس مين طور 70 لک 83 هزار 312 پيا، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال 61لک 45 هزار 980 رپيا ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان 1 لک 47 هزار 780 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو. ڊائريڪٽري موجب قومي اسيمبلي جي ميمبر قاسم نون ۽ باسط سلطان بخاري ڪو به ٽيڪس ادا ناهي ڪيو.