وزير اعظم نواز شريف جي خاندان ۽ مٽن مائٽن جون 16 ڪمپنيون هئڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (م.ڊ) پاناماليڪس پاران جاري ڪيل دستاويزن ۾ پاڪستان جي سياستدانن، واپارين، ججن ۽ ٻين اهم شخصيتن جا نالا شامل آهن، پاناماليڪس جي دستاويزن ۾ پاڪستان جي جن پاڪستاني سياستدانن جا نالا شامل آهن، انهن ۾ وزيراعظم نواز شريف جو ڪٽنب ( 9 ڪمپنيون) ، حسن نواز، حسين نواز،مريم نواز،پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جا مائٽ (7 ڪپمنيون)، ثمينا دراني، الياس مهراج، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو( هڪ ڪمپني)، ڀاڻيجو حسن علي جعفري، آصف زرداري جو ويجهو دوست جاويد پاشا ( 4 ڪمپنيون)، پ پ سينيٽر رحمان ملڪ(هڪ ڪمپني) ،پ پ سينيٽر عثمان سيف الله جو ڪٽنب(34 ڪمپنيون) ، انور سيف الله، سليم سيف الله، همايون سيف الله، اقبال سيف الله، جاويد سيف الله، جهانگير سيف الله، گجرات جي چوڌرين جا مائٽ، وسيم گلزر، زين سکيرا( حج اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ سان گڏ نامزد جوابدار)  شامل آهن، ان کانسواءِ پاناما ليڪس جي دستاويزن ۾ جن پاڪستاني واپارين جا نالا ڏنا ويا آهن، انهن ۾ ملڪ رياض جو پٽ (بحريا ٽائون)، احمد علي رياض (هڪ ڪمپني) اي بي ايم گروپ آف ڪمپنيز جو چيئرمين اعظم سلطان(5 ڪمپنيون)،پيزا هٽ جو مالڪ عقيل حسين ۽ سندس ڪٽنب( هڪ ڪمپني) ،ڀاءُ تنوير حسن، صورتي انٽرپرائيزز جو چيئرمين عبدالرشيد صورتي ۽ سندس ڪٽنب، سلطان علي الانا، حبيب بينڪ لميٽڊ جو چيئرمين ( هڪ ڪمپني)، اڳوڻو نب بينڪ صدر خواجا اقبال حسن(هڪ ڪمپني) ، بڪسلي پينٽس جا بشير احمد ۽ جاويد شڪور (هڪ ڪمپني)، برجر پينٽس جو محمود احمد ( هڪ ڪمپني) ،هوٽل ٽائيڪون صدر الدين هاشواڻي ۽ سندس ڪٽنب(3 ڪمپنيون) ، مرتضيٰ هاشواڻي، هلٽن فرما جو مالڪ شهباز ياسين ملڪ ۽ سندس ڪٽنب(هڪ ڪمپني)، حسين دائود جو ڪٽنب( 2 ڪمپنيون)، شهزادا دائود، عبدالصمد دائود، پارٽنر سعد راجا، سيفيري ٽيڪسٽائز جي عبدالله فيملي،( 5 ڪمپنيون)، يوسف عبدالله ۽ سندس گهرواري، محمد عبدالله ۽ سندس گهرواري، شاهد عبدالله ۽ سندس ڪٽنب، امير عبدالله ۽ سندس ڪٽنب،لڪي ٽيڪسٽائلز جو گل محمد ٽابا، مسعود ٽيڪسٽائلز ملز جو سي اي او شاهد نذير، پارٽنر نازيا نذير، ليڪسن گروپ  ۽ ڪولگيٽ پام اولو، ٽيٽلي ڪلوور ۽ ڪلوور پاڪستان جو مالڪ ذوالفقار علي لاکاڻي(هڪ ڪمپني) ،يونيورسل ڪارپوريشن جو ذوالفقار پراچا ۽ سندس ڪٽنب (هڪ ڪمپني) شامل آهن، اهڙي ريت پاناما دستاويزن ۾ شامل پاڪستاني ججن ۾ لاهور هائيڪورٽ جي حاضر سروس جج جسٽس فرخ عرفان ۽ رٽائرڊ جج ملڪ قيوم جا نالا ڏنا ويا آهن، انهن دستاويزن ۾ رڳو هڪ پاڪستاني ميڊيا گروپ جيو ۽ جنگ گروپ جي مالڪ مير شڪيل الرحمان جو نالو شامل آهي، جنهن جي هڪ ڪمپني ڄاڻائي وئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *