وزير اعظم نه ڀڄي، جمهوري سياستدان جي آخري منزل پارليمينٽ آهي: مولابخش چانڊيو

سجاول  (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات کاتي بابت صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته جمهوري سياستدان جي آخري منزل پارليمينٽ آهي، وزير اعظم کي پارليمينٽ کان ڀڄڻ جي صلاح ڏيندڙن سبب پاناما بحران ان منزل تي پهتو آهي، خابرو ادارن موجب پيپلز پارٽي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مولابخش چانڊيي جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر فهميدا لاءِ احترام آهي، پر جهڙي ريت هُن پارٽي قيادت تي تنقيد ڪئي ۽ اليڪشن کانپوءِ سياسي حيثيت سان پارٽي جو حصو نه آهي، جيڪڏهن پارٽي جو حصو آهي ته کيس پيپلز پارٽي جي قيادت کي ثابت ڪري ڏيکارڻو هوندو، ان کانپوءِ پارٽي قيادت اهو فيصلو ڪندي ته فهميدا مرزا ۽ حسنين مرزا پيپلز پارٽي ۾ شامل آهن يا نه، سندس چوڻ هو ته رينجرز ۽ پوليس ڪراچي ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪري ڏيکاريو آهي، اڄ ڪراچي ۾ امن جو سبب آپريشن آهي، پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان اُڀري رهي آهي، ايندڙ وقت پيپلز پارٽي جي عروج جو وقت هوندو. سجاول ضلعو پ پ پ جو قلعو آهي ۽ پ پ پ هن وقت نئون جنم وٺي رهي آهي پ پ پ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ساڳي پارٽي آهي ۽ پ پ پ جو قيام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو هڪ سياسي معجزو آهي. اهڙين خيالن جو اظهار گذريل رات هن پ پ  پ جي نئين سر تنظيم سازي جي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو ڀرسان ڳوٺ راجا رميز زنئور ۾ سجاول ضلعي جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پ پ پ جي صوبائي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو چيئرمين نثار احمد کهڙو، نفيسه شاه، راشد رباني، سيد مُراد علي شاه پڻ موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات کاتي واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ پ پ پ سان ڪوبه مقابلي جي همت نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران نئين سر تنظيم سازي جو بهترين فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن تي هو کيس مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن چيو ته ضلعي صدرن کي مقرر ڪرڻ صرف چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو اختيار آهي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي صرف ڪارڪنن جا رايا وٺي چيئرمين تائين پهچائيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *