وزير اعظم نااهلي ڪيس: درخواست گذار جي ڳالهه مڃي ته پارليامينٽ نااهل ٿي ويندي: سپريم ڪورٽ

Pakistan Ends Emergency Ruleاسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته درخواست گذار جي ”صادق ۽ امين“ واري ڳالهه مڃي ورتي وڃي ته پوري پارليامينٽ ئي نااهل ٿي ويندي، جڏهن ته درخواست گذار چيو آهي ته چاهي منهنجا ٽڪڙا به ڪيا وڃن تب مان درخواست واپس نه وٺندس، فاضل بئنچ رمارڪس ڏنا آهن ته وزيراعظم جي نااهلي لاءِ پٽيشن آندي وئي، ڳالهه عدالت اچي وئي آهي، هاڻ اها کلندي، سڀ ايندا، بيان ڏيندا ۽ جرح ٿيندي، صحابن سڳورن بعد ته ڪو صادق ۽ امين نه آهي، درخواست گذار جي ڳالهه مڃي ورتي وڃي ته پوري پارليامينٽ ئي نااهل ٿي وڃي، وزيراعظم تي قسم جي ڀڃڪڙي ثابت ٿيندي ته ڪاروائي ٿيندي، ڀڃڪڙي ثابت ڪرڻ لاءِ آرمي چيف کي حلفيه بيان ڏيڻو پوندو، وزيراعظم آرمي چيف کي درخواست ڪئي هئي يا نه، ان جو جواب صرف آرمي چيف ئي ڏئي سگهي ٿو، هاڻ اسان ان درخواست کي واپس وٺڻ جي به اجازت نه ڏينداسين. جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ وزيراعظم نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس دوست محمد درخواست گذار جي وڪيل طاهر نواز سنڌو کان پڇو ڇا اوهان آرمي چيف کي بطور شاهد يا ان جو بيان حلفي پيش ڪري سگهو ٿا، اهو معاملو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ هو. وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ ڇا ڳالهيون ٿيون، اهو ڪو نٿو ڄاڻي، جسٽس دوست محمد چيو ته صحابن سڳورن بعد ته هاڻ ڪو صادق ۽ امين ناهي، اوهان کي ڳالهه مڃي ورتي وڃي ته پوري پارليامينٽ ئي نااهل ٿي وڃي. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته اوهان اخباري بيان پڙهي پٽيشن کڻي آيا، ڳالهه هاڻ اڳتي ويندي، سڀ ايندا، بيان ڏيندا ۽ جرح ٿيندي، درخواست گذار چيو ته ڳالهه ايتري حد تائين نه ويندي. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته ڳالهه ته اڳتي ويندي حقيقتن کي ڏسڻو آهي. وزيراعظم آرمي چيف کي درخواست ڪئي هئي يا نه، ان جو جواب صرف آرمي چيف ئي ڏئي سگهي ٿو، قوم کي اوهان جو ٿورائتو هئڻ گهرجي جو اوهان ان معاملي کي عدالت کڻي آيا، ڳالهه هاڻ کلندي، اهو به پتو لڳڻ گهرجي ته عمران خان ۽ آرمي چيف وچ ۾ ڪهڙي ڳالهه ٿي. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته وزيراعظم جي نااهلي جي درخواست پراڻي آئين جي روشني ۾ تيار ٿي، درخواست گذار اپيل ڪئي ته آرٽيڪل 2 6 ۽ 3 6 جي لاڳو متعلق سوچڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جيڪڏهن نااهلي جون شقون لاڳو نٿيون ٿين ته قسم جي ڀڃڪڙي تي نواز شريف خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. جسٽس دوست محمد چيو ته ڀڃڪڙي ثابت ٿيندي ته ڪاروائي ٿيندي، ڀڃڪڙي ثابت ڪرڻ لاءِ آرمي چيف کي حلفيه بيان ڏيڻو پوندو. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته هاڻ اسان ان درخواست کي واپس وٺڻ جي به اجازت نه ڏينداسين. درخواست گذار جو چوڻ هو ته منهنجا ٽڪڙا به ٿي وڃن تڏهن به مان درخواست واپس نه وٺندس، ڪيس جي ٻڌڻي 5 1 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *