وزير اعظم قومي ٽيم کي ڀارت وڃڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي

نئين دهلي/اسلام آباد(بيورو/م.د): وزيراعظم نواز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۾ اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت اماڻڻ يا نه اماڻڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ميڊيا رپورٽن مطابق وزيراعظم آفيس ۾ ٿيل ملاقات دوران چوڌري نثار علي خان ڀارت ويل سيڪيورٽي ٽيم جي شروعاتي رپورٽ بابت وزيراعظم نواز شريف کي ٻڌايو، هن رپورٽ جي روشني ۾ ڌرم شالا ۾ پاڪ – ڀارت ميچ جي حوالي سان سيڪيورٽي خطرا ظاهر ڪيا، چوڌري نثار پاڪ – ڀارت ميچ جو هنڌ مٽائڻ جي صورت ۾ قومي ٽيم کي ڀارت اماڻڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ ڀارت ۾ سيڪيورٽي مسئلا آهن، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ سيڪيورٽي جي ذمايواري ڀارتي حڪومت ۽ آئي سي سي تي هوندي پر جيڪڏهن گهرو وزارت مطمئن آهي ته ٽيم کي ڀارت اماڻڻ ۾ ڪو حرج ناهي. ٻئي طرف پاڪستان جي مطالبي تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ 19 مارچ تي رٿيل پاڪ-ڀارت ميچ سڪيورٽي سببن ڪري ڌرم شالا مان ڪولڪتا منتقل ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ حتمي اعلان آءِ سي سي پاران پريس ڪانفرنس ذريعي ڪيو ويندو. ڌرم شالا ۾ سڪيورٽي خدشن کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کان پاڪ –ڀارت ميچ ڪوڪلتا يا موهالي منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، جنهن بعد  ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڏو مقابلو ڌرم شالا مان ڪولڪتا منتقل ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي. 19 مارچ تي رٿيل پاڪ-ڀارت ميچ ڪولڪتا ۾ ڪرائڻ بابت حتمي اعلان آءِ سي سي پاران پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي چار وڳي پريس ڪانفرنس ذريعي ڪيو ويندو.  ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي جي اعلان ۽ حڪومت جي گرين سنگل ملڻ بعد قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ يا سڀاڻي دبئي جي رستي ڪوڪلتا روانو ٿيندي. پي سي بي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ آهي ته ڀارت پاران مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ واري خاطري تائين ٽيم ڀارت نه موڪلي ويندي. هوڏانهن پي سي بي جي چيئرمين شهريا خان چيو آهي ته سيڪيورٽي خدشا ختم ٿيڻ تائين قومي ٽيم کي ڀارت نه اماڻيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *