وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي نواز شريف سان ملاقات، حڪومتي معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي معاملن ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ميڊيا رپورٽن موجب وزير اعظم شاهد خاقان عباسي پنجاب هائوس پهچي نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف کي حڪومتي معاملن تي وضاحت ڏني جنهن ۾ نين تڪ بندين ۽ آئيني ترميم جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ پارٽي معاملن ۽ عوامي رابطا مهم تي ڳالهيون ڪيون ويو جڏهن ته اڄ ٿيل ٻڌڻي تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *