اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم سان ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جي ملاقات، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون، تفصيل موجب: ڀارتي پرڏيهي وزير جئي ڪرشنا وزير اعظم هائوس ۾ وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن تي به ڳالهايو ويو، ملاقات ۾ ڀارتي هاءِ ڪمشنر ۽ وفد جي ٻين ميمبرن سان گڏ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري به شرڪت ڪئي.