وزير اعظم سان وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ صلاحڪار امير مقام جون الڳ الڳ ملاقاتون

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته حڪومت عوام کي بهتر سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان ترقي ۽ خوشحالي جي پنهنجي ايجنڊا تي توجهه ڏيئي رهي آهي اقليتون امن ۽ هم آهنگي جي ماحول ۾ زندگي گذارين هو اڱاري تي هتي وزيراعظم هائوس ۾ وفاقي وزير صنعت غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو جنهن هن الڳ الڳ ملاقات ڪئي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مختلف علائقن وچ ۾ رابطي ۾ سهولت لاءِ روڊ ٺاهيا پيا  وڃن جنهن سان مانهن کي هڪٻئي ويجهو اچڻ جو موقعو ملندو ان کان سواءِ ڪاروبار کي هٿي ملندي ۽ بهتر روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا لاهور جي سانهي ۽ ان کان پوءِ مظاهرن ۽ تشدد جي واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته سمورن صوبائي حڪومتن کي امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لا3 جوڳا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي هن چيو ته اقليتون ملڪ جو اهم طبقو آهن جن ملڪي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي تنهنڪري کين گهرجي ته امن ۽ هم آهنگي واري ماحول ۾ زندگي گذارين وزيراعظم چيو ته قومي گرڊ ۾ وڌيڪ بجلي شآمل ڪرڻ ۽ ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ سهولت فراهم ڪرڻ جي حڪمت عملي تحت توانائي جي کوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ملاقاتن ۾ خبيرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ پارٽين بابت معاملن تي به غور ڪيو ويو غلام مرتضيٰ جتوئي وزيراعظم کي پنهنجي وزارت جي ڪم ۽ ملڪ ۾ صنعتي ترقي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) سنڌ جو سينيئر نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه به موجود هو وزيراعظم انجنيئر امير مقام سان ملاقات ۾ بٽل اوگي ۽ شانگلا کي موٽر وي سان ملهائڻ جي به اصولي منظوري ڏيئي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *