وزير اعظم سان آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽين لوگارڊ جي ملاقات، ملڪي معاشي صورتحال ۽ بيل آئوٽ پيڪيج تي ڳالهيون

دبئي (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف عملارن ٻنهي طرفن کانسڌارن ۽ پاليسي ترجيحن ۾ گڏيل تعاون جاري رکڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني آءِ ايم ايف عملدار نئين پروگرام لاءِ ڳالهيون جاري رکندا جڏهن ته آءِ ايم ايف جي سربراهه ايم ڊي ڪرسٽين ليگارڊ معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي مدد ڪندو رهندو آچر تي وزيراعطم عمران خان سان آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽين ليگارڊ ملاقات ڪئي دبئي ۾ ٿيل عالمي حڪومتن جي اجلاس جي موقعي تي هي ملاقات ٿي وزيراعظم آءِ ايم ايف جي پاڪستان لاءِ سپورٽ جي تعريف ڪئي ملاقات ۾ هن قومي تعمير لاءِ پنهنجي سوچ کان به آءِ ايم ايف سربراهه کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم اسٽڪچرل ۽ حڪومتي سڌارا ۽ سماجي شعبي جي بهتري لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو آءِ ايم جي سربراهه معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جي قدمن جي تعريف ڪئي. ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ بيل آئوٽ پئڪيج تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي عالمي مالياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرٽين لوگارڊ چيو ته وزفاعظم عمرانخ ان سان تعميري ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۾ تازو ئي معاشي ترقي ۽ مستقبل جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي مطابق فيلائتي پاليسين ۽ معاشي سڌارن جي مضبوط پئڪيج سان پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام ايندو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *